خروج 31:14 - Muslim Sindhi Bible14 تنهنڪري اوهين سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهجو، ڇو تہ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ آهي. جيڪو بہ انهيءَ ڏينهن تي ڪو ڪم ڪرڻ سان انهيءَ جي بيحرمتي ڪندو، سو ضرور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ماريو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 تنهنڪري اوهين سبت جو ڏينهن قائم رکجو، ڇو تہ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ آهي؛ جيڪو بہ انهي کي ناپاڪ ڪندو سو ضرور ماريو ويندو؛ جيڪو انهي ڏينهن ڪو ڪم ڪندو، سو پنهنجيءَ قوم مان تباهہ ڪيو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.