Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سانجھيءَ جو بہ جڏهن هو ڏيئا ٻاري تڏهن اهو ساڙي. اهو لوبان مون خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي لاءِ اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ ساڙبو رهبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ سانجهيءَ جو بہ جڏهن هارون ڏيئا ٺاهي، تڏهن اهو ساڙي، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهو لوبان اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ جاري رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن عُزياہ بادشاهہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ ”اي عُزياہ! اهو تنهنجو ڪم ناهي جو تون خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، بلڪ اهو هارون جي اولاد جو ڪم آهي جيڪي ڪاهن آهن ۽ جيڪي لوبان ساڙڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. سو تون مقدس جاءِ مان نڪري وڃ. جيئن تہ تو گناهہ ڪيو آهي تنهنڪري خداوند خدا وٽ هاڻي تنهنجي ڪابہ عزت ڪانهي.“


شال منهنجو هٿ بلند ڪري دعا گھرڻ ائين قبول پوي، جيئن لوبان ساڙڻ يا شام جي پيش ڪيل قرباني تو وٽ قبول پوي ٿي.


هر ڪٽنب ان کي ساڳئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تائين پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکي. پوءِ انهيءَ ڏينهن شام جي وقت بني اسرائيل جو هر ڪٽنب انهيءَ کي ذبح ڪري.


تون شمعدان جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺهرائج. اهي ڏيئا شمعدان تي اهڙيءَ طرح رکائج جو انهن جي روشني سامهون هجي.


مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ انهيءَ پردي جي ٻاهران جيڪو عهد واري صندوق اڳيان هوندو، هارون ۽ سندس پٽَ سانجھيءَ کان صبح تائين شمعدان کي منهنجي حضور ۾ ٻريل رکن. اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ تائين جاري رهندو.“


هارون هر روز صبح جو جڏهن ڏيئن کي ٺيڪ ڪري، تڏهن انهيءَ قربان‌گاهہ تي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙيندو رهي.


انهيءَ تي ٻئي ڪنهن بہ قسم جو لوبان نہ ساڙيو وڃي، نہ ئي مٿس ساڙڻ واري قرباني يا اناج جي قرباني يا اوتڻ واري قرباني هاري وڃي.


ڪير آهي جيڪو اسان کي گنهگار قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. هو خدا جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري.


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.


اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي.


ڇا بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، پنهنجي قربان‌گاهہ جي خدمت لاءِ، لوبان ساڙڻ لاءِ ۽ پنهنجي حضور ۾ مذهبي وڳو پهرڻ لاءِ چونڊي نہ ڪڍيو هو؟ ڇا بني اسرائيل جون سموريون ساڙيون ويندڙ قربانيون مون تنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي کي نہ ڏنيون هيون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ