Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:34 - Muslim Sindhi Bible

34 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”خوشبودار مصالحن مُرَ، مصطگي ۽ لاون سان گڏ خالص لوبان بہ کنيو وڃي ۽ اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 وري خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون پنهنجي لاءِ هي خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني مر، ۽ مصطکي، ۽ لاون، اهي خوشبودار مصالحہ خالص لوبان سان گڏ کڻ، (اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن)،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:34
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن طوبياہ کي رهڻ لاءِ انهن گودامن مان هڪڙي وڏي ڪوٺي ڏني. اها ڪوٺي هيڪل جي سامان رکڻ لاءِ مقرر هئي يعني اناج جون قربانيون، لوبان، خدا جي گھر جا ٿانوَ، اَناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، جيڪي مقرر طريقي موجب لاوين، هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبا هئا. انهيءَ کان علاوہ اتي ڪاهنن لاءِ گڏ ڪيل چندا پڻ رکيا ويندا هئا.


ڏيئن لاءِ تيل، مسح ڪرڻ جي تيل لاءِ ۽ لوبان لاءِ مصالحا،


”عبادت‌گاهہ جي ماپي مطابق عمدا خوشبودار مصالحا، يعني خالص مُرَ جا پنج ڪلوگرام، انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي ڪلوگرام خوشبودار دالچيني ۽ اڍائي ڪلوگرام خوشبودار اگر،


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


پوءِ انهن کي لوڻ جي رائي ڏيئي، ڪاريگر عطار وانگر انهن مان خوشبودار، صاف ۽ پاڪ لوبان بڻايو وڃي.


هارون هر روز صبح جو جڏهن ڏيئن کي ٺيڪ ڪري، تڏهن انهيءَ قربان‌گاهہ تي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙيندو رهي.


مسح ڪرڻ جو تيل ۽ مقدس جاءِ لاءِ خوشبودار مصالحن جو لوبان. اهي سڀ شيون، جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن هو تيار ڪن.“


لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان ۽ مقدس جاءِ جي دروازي جو پردو،


هن مسح ڪرڻ وارو مخصوص تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان بہ ڪاريگر عطار جي هنر موجب ٺاهيو.


اهو ڪير آهي، جيڪو بيابان مان دونهين جي ڪڪر وانگر پيو اچي، جيڪو مُر ۽ لوبان سان، ۽ سوداگرن جي وڪرو ڪيل هر طرح جي خوشبوءِ سان معطر آهي؟


منهنجي تعظيم خاطر اوهان پنهنجيون قربانيون پيش نہ ڪيون آهن. هائو، اوهان پنهنجي ساڙڻ وارين قربانين لاءِ ڪا رڍ ٻڪري بہ منهنجي حضور ۾ نہ آندي آهي، ڀلا مون اوهان کي نذرانن آڻن لاءِ مجبور ڪيو آهي ڇا؟ يا لوبان ساڙڻ لاءِ اوهان کي ڪا تڪليف ڏني اٿم ڇا؟


تڏهن هو هڪڙو لوبان‌دان کڻي، انهيءَ کي ان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري جيڪا مون خداوند جي آڏو لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ تي ٻري ٿي. پوءِ هو پنهنجو ٻڪ سنهي ڪٽيل خوشبودار لوبان سان ڀري کڻي ۽ اهي ٻيئي کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو اناج جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جي قرباني ميدي جي صورت ۾ هئڻ گھرجي. هو انهيءَ تي تيل پئٽي ۽ مٿس لوبان رکي.


هو انهيءَ تي تيل پئٽي مٿس لوبان رکي. تہ جيئن اها اناج جي قرباني صحيح طرح سان پيش ٿئي.


هر هڪ قطار سان گڏ ڪجھہ خالص لوبان رکيو وڃي، جيڪو روٽن نذر ڪرڻ جي عيوض مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني ٿئي.


پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن ڳيرن يا ٻن ڪبوترن ڏيڻ جي بہ طاقت نہ هجي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ لاءِ هڪ ڪلوگرام ميدو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي. هو انهيءَ تي تيل نہ وجھي، نڪي مٿس لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي، نہ اناج جي قرباني.


هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جي سنڀال هيٺ هي شيون آهن: ڏيئن ٻارڻ جو تيل، خوشبودار لوبان، دستوري اناج جي قرباني ۽ مسح ڪرڻ جو تيل. ان کان علاوہ پوري مقدس خيمي ۽ ان جي سموري سامان جي نظرداري سندس ذميواري آهي.“


هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ