Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:30 - Muslim Sindhi Bible

30 پوءِ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي خدمت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري پاڪ ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:30
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو انهيءَ املهہ تيل جيان آهي، جيڪو هارون جي مٿي تي پئٽيو ويو. اهو وهندو هارون جي ڏاڙهيءَ تي آيو، بلڪ اتان وهندو اچي سندس پوشاڪ جي دامن تائين پهتو.


تون انهن سڀني ماهر ڪاريگرن، جن کي مون حڪمت جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ خاص پوشاڪ ٺاهين، انهيءَ لاءِ تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿئي ۽ اها پوشاڪ پائي.


اها پوشاڪ تون پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پارائج. انهن کي مسح ڪري مخصوص ڪج تہ جيئن هو وقف ٿي منهنجي حضور ۾ ڪاهن بڻجي خدمت ڪن.


مخصوص ڪج، تہ جيئن اهي مون لاءِ ئي مخصوص ٿي وڃن. پوءِ جيڪو بہ ماڻهو انهن کي ڇهي يا جا بہ شيءِ انهن تي استعمال ڪجي سي ضرور مخصوص ٿيل هجن.


تون بني اسرائيل کي چئج تہ سندن سڀني پيڙهين تائين اهو مخصوص تيل منهنجي لاءِ مسح ڪرڻ واسطي ئي هوندو.


تون انهن کي بہ سندن پيءُ وانگر مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪن. سندن اهو مسح ٿيڻ هنن جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ ڪاهنيءَ جي نشاني ٿيندي.“


تنهن تي موسيٰ هارون کي چيو تہ ”اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا خداوند فرمائي هئي تہ ’جيڪي منهنجي ويجھو اچن، سي منهنجي پاڪيزگيءَ جو احترام ڪن، بيشڪ سڀني ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ ئي عظمت وارو هوندس.‘“ تڏهن هارون خاموش رهيو.


هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجھہ هارون جي مٿي تي پئٽيو ۽ کيس مسح ڪيائين تہ جيئن هو مخصوص ٿئي.


ان بعد موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان ۽ قربان‌گاهہ تي پيل رت مان ڪجھہ کڻي هارون ۽ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪن تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن هارون ۽ سندس پٽن ۽ انهن جي خاص پوشاڪن کي مخصوص ڪيو.


انهن کي مسح ڪري ڪهانت جي عهدي تي رکي، مقدس خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ