Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:26 - Muslim Sindhi Bible

26 تون انهيءَ تيل سان مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ عهد واري صندوق کي مسح ڪري مخصوص ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ تون انهيءَ سان جماعت واري تنبو، ۽ شاهديءَ جي صندوق کي مسح ڪج،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:26
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون ميز کي ان جي ٿانون سميت، شمعدان کي ان جي ٿانون سميت ۽ لوبان ساڙڻ واريءَ قربان‌گاهہ کي مسح ڪري مخصوص ڪج.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


مون تو کي پنهنجي پاڪ جبل تي، چونڊيل پردار آسماني مخلوق جي حفاظت ۾ رکيو، جتي تون آتشي پٿرن جي وچ ۾ گھمندو هئين.


”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ هو تو کي پنهنجن اباڻن قبيلن مان هر هڪ سردار جي لٺ ڏين. ڪل ٻارهن لٺيون هجن. پوءِ تون هر هڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک.


جڏهن موسيٰ مقدس خيمو کوڙي بس ڪئي تڏهن خيمي کي، انهيءَ جي سموري سامان کي، قربان‌گاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي مسح ڪري مخصوص ڪيائين.


قربان‌گاهہ جي مسح ٿيڻ واري ڏينهن تي سردارن انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ پڻ نذرانا آندا ۽ اهي قربان‌گاهہ جي اڳيان پيش ڪيائون.


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


پر اوهان تي پاڪ هستيءَ پنهنجو روح نازل ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ