24 پنج ڪلوگرام املداس ۽ ساڍا ٽي ليٽر زيتون جو تيل کڻي،
24 ۽ پنج سو مشقال املداس، (اهي سڀ عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هجن) ۽ هڪڙو هين زيتون جو تيل؛
تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو.
پهرئين گھيٽي سان گڏ هڪ ڪلوگرام ميدو ڏين، جنهن ۾ هڪ ليٽر ڪُٽي ڪڍيل زيتون جو تيل مليل هجي. ان سان گڏ هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ لاءِ هجي.
”عبادتگاهہ جي ماپي مطابق عمدا خوشبودار مصالحا، يعني خالص مُرَ جا پنج ڪلوگرام، انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي ڪلوگرام خوشبودار دالچيني ۽ اڍائي ڪلوگرام خوشبودار اگر،
انهن کي چڱيءَ طرح گڏي، مسح ڪرڻ جو خاص تيل ٺاهيو وڃي، جيڪو عمدو ۽ خوشبودار هجي، جهڙو ڪاريگر عطار ٺاهيندا آهن. اهو مسح ڪرڻ جو مخصوص تيل ٿيندو.
مقرر ڪيل وزن وارا ماپا هن طرح هجن: 20 جيرہ برابر 1 شيڪل 60 شيڪل برابر 1 مانہ.
اوهان جون تارازيون، وٽ ۽ ماپا بلڪل صحيح هجن. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.
هو اوتڻ واري قربانيءَ طور هڪ ليٽر مئي تيار ڪري ۽ اها هر هڪ گھيٽي پٺيان ساڙڻ واري قربانيءَ يا ٻي قربانيءَ سان گڏ کڻي اچي.
تون انهن کان هر هڪ لاءِ عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق پنج چانديءَ جا سڪا وٺ. هڪڙي چانديءَ جي سڪي جي تور اٽڪل ٻارهن گرام آهي.