Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:23 - Muslim Sindhi Bible

23 ”عبادت‌گاهہ جي ماپي مطابق عمدا خوشبودار مصالحا، يعني خالص مُرَ جا پنج ڪلوگرام، انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي ڪلوگرام خوشبودار دالچيني ۽ اڍائي ڪلوگرام خوشبودار اگر،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تون پنهنجي لاءِ خاص خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني پنج سؤ مشقال خالص مر، ۽ انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي سؤ مشقال خوشبودار دال چيني، ۽ اڍائي سؤ مشقال خوشبودار اگر،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:23
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صدوق ڪاهن خداوند جي عهد جي صندوق واري تنبوءَ مان جيڪو زيتون جي تيل وارو سڱ آندو هو تنهن مان تيل کڻي سليمان کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪيائين. تڏهن هنن نفيلون وڄايون ۽ سڀني ماڻهن وڏي آواز سان چيو تہ ”بادشاهہ سليمان زندہ آباد!“


ٻيا لاوي هيڪل جي سامان، ٿانوَن، ميدي، مئي، تيل، لوبان ۽ مصالحن تي مقرر ٿيل هئا.


پر مصالحن کي گڏي خوشبويون ٺاهڻ ڪاهنن جي ذميواري هوندي هئي.


تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو.


ڏيئن لاءِ تيل، مسح ڪرڻ جي تيل لاءِ ۽ لوبان لاءِ مصالحا،


انهيءَ کان پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


پنج ڪلوگرام املداس ۽ ساڍا ٽي ليٽر زيتون جو تيل کڻي،


مسح ڪرڻ جو تيل ۽ مقدس جاءِ لاءِ خوشبودار مصالحن جو لوبان. اهي سڀ شيون، جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن هو تيار ڪن.“


انهن روشنيءَ ۽ مسح ڪرڻ جي لاءِ تيل ۽ مسح ڪرڻ جي تيل لاءِ ۽ خوشبودار لوبان لاءِ مصالحا بہ آندا.


هن مسح ڪرڻ وارو مخصوص تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان بہ ڪاريگر عطار جي هنر موجب ٺاهيو.


مون پنهنجي بستري کي مُر، عود ۽ دالچينيءَ جي خوشبوءِ سان معطر ڪري ڇڏيو آهي.


اي منهنجا محبوب! تون منهنجي لاءِ مُر جي عطر جهڙو آهين، جيڪو منهنجي ڇاتين جي وچ ۾ لڳل هوندو آهي.


تنهنجي خوشبوءِ ايڏي تہ مٺڙي آهي، جو گھڻيون ئي ڪنواريون تو تي فدا آهن. تنهنجي نالي جو ذڪر ائين آهي، جيئن عطر ڦهليل هجي.


زعفران، بيدمشڪ، دالچيني، مُر، عود ۽ هر قسم جي لوبان جا وڻ، مطلب تہ سمورن عمدن ۽ خوشبودار مصالحن جي ڪا ڪمي ڪانهي.


اوهان منهنجي لاءِ پئسا خرچ ڪري لوبان ڪونہ ورتو، نڪي پنهنجن جانورن جي قربانيءَ واري سڻڀي مال سان مون کي راضي ڪيو اٿوَ. اٽلندو اوهان پنهنجي گناهن سان مون کي تڪليف ڏني، ۽ پنهنجي بدڪارين سان مون کي بيزار ڪري ڇڏيو.


مون کي ان لوبان جي ڪهڙي پرواهہ آهي جيڪو شبا ملڪ مان ٿو آندو وڃي، ۽ انهن مصالحن جي ڪهڙي پرواهہ اٿم، جيڪي منهنجي لاءِ ڏورانهن ملڪن مان آندا ٿا وڃن؟ هنن جا ساڙڻ وارا نذرانا قابلِ قبول ناهن، نہ ئي وري سندن جانورن جون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


اوزال جي مئي جا ڊرم، گھڙيل لوهہ ۽ مصالحا بہ تنهنجي بازارن ۾ آڻيندا هئا.


شبا ملڪ ۽ رعماہ علائقي جا واپاري هر قسم جون عمديون خوشبودار شيون، مختلف قسمن جا قيمتي پٿر، ۽ سون ڏيئي تنهنجو مال خريد ڪندا هئا.


هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جي سنڀال هيٺ هي شيون آهن: ڏيئن ٻارڻ جو تيل، خوشبودار لوبان، دستوري اناج جي قرباني ۽ مسح ڪرڻ جو تيل. ان کان علاوہ پوري مقدس خيمي ۽ ان جي سموري سامان جي نظرداري سندس ذميواري آهي.“


پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آس‌پاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ