خروج 30:20 - Muslim Sindhi Bible20 جڏهن بہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اچن، تڏهن پاڻيءَ سان وضو ڪن، انهيءَ لاءِ تہ مري نہ پون. جڏهن هو قربانگاهہ تي مون خداوند جي خدمت لاءِ ڪي بہ ساڙيون ويندڙ قربانيون ڪرڻ اچن، تڏهن بہ ائين ئي ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 جڏهن هو جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، تڏهن پاڻيءَ سان پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن، تہ مري نہ پون: ۽ جڏهن هو قربانگاهہ تي خداوند جي خدمت ڪرڻ ۽ سوختني قرباني چاڙهڻ وڃن، تڏهن بہ ائين ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بيخميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.