Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تون بني اسرائيل کان صدقي جا پئسا وٺي، اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ڪم آڻج، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي طرفان سندن جانين جي صدقي لاءِ اهي مون خداوند جي يادگيريءَ لاءِ نشاني هجن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ تون بني اسرائيل کان ڪفاري جا پئسا وٺي، اهي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت لاءِ مقرر ڪج؛ انهي لاءِ تہ اوهانجن ساهن جي ڪفاري لاءِ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي واسطي يادگيريءَ جي نشاني هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:16
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ يهويدع سردار ڪاهن کي سڏائي چيو تہ ”تو لاوين تي زور ڇو نہ رکيو تہ هو يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان اهو ڏنُ وصول ڪري اچن، جيڪو خدا جي ٻانهي موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي لاءِ سڄيءَ قوم تي مقرر ڪيو هو؟“


اهو ڏينهن بني اسرائيل کي هميشہ ياد رهي، بلڪ هو ان کي مون خداوند جي عيد جو ڏينهن سمجھي ملهائين ۽ هر سال پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن تي عيد ڪندا رهن.“


پنهنجي جانين جي صدقي لاءِ جڏهن هو مون خداوند جي آڏو نذرانو ڏين، تڏهن شاهوڪار اڌ سڪي کان وڌيڪ نہ ڏئي ۽ غريب انهيءَ کان گھٽ نہ ڏئي.


خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ


اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي نشاني هئي تہ جيئن ڪوبہ ماڻهو جيڪو هارون جي اولاد مان نہ هجي سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي. ٻيءَ حالت ۾ ان جو حال بہ قورح ۽ سندس ٽولي جهڙو ٿيندو. جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت اليعزر کي فرمايو هو تهڙيءَ ئي طرح سڀ ڪجھہ ڪيو ويو.


سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن انهن سالارن کان اهو سون ورتو ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ کڻي آيا، تہ جيئن اهو خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل کي ياد رکڻ لاءِ هڪ نشان هجي.


پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ هنن کي ڏيندي چيائين تہ ”هيءُ منهنجو بدن آهي، جيڪو اوهان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوهين بہ منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ