Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:15 - Muslim Sindhi Bible

15 پنهنجي جانين جي صدقي لاءِ جڏهن هو مون خداوند جي آڏو نذرانو ڏين، تڏهن شاهوڪار اڌ سڪي کان وڌيڪ نہ ڏئي ۽ غريب انهيءَ کان گھٽ نہ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 جڏهن هو پنهنجي ساهہ جي ڪفاري لاءِ خداوند جو نذرانو ڏين: تڏهن جيڪو شاهوڪار هجي، سو اڌ مشقال کان وڌيڪ نہ ڏئي، ۽ جيڪو غريب هجي، سو انهي کان گهٽ نہ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اسان مان هر هڪ ڄڻي سونا زيور خداوند جي لاءِ نذرانو آندا آهن، جيڪي اسان کي هٿ آيا هئا، يعني بازوبند، چُوڙا، منڊيون، ايرنگَ ۽ هار، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي حضور ۾ اسان جي لاءِ ڪفارو ادا ٿئي.“


اي مالڪؤ! اوهين بہ پنهنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇو تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهن جو ۽ اوهان جو، ٻنهي جو مالڪ آسمان تي آهي ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آهي.


هو حڪمرانن جي طرفداري نہ ٿو ڪري، نہ ئي دولتمند کي غريب کان وڌيڪ مان ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو سندس ئي هٿن جي ڪاريگري آهي.


جيئن تہ هر ساهواري شيءِ جي زندگي انهيءَ رت ۾ آهي، تنهنڪري ئي مون اوهان جي زندگين جي ڪفاري لاءِ اهو رت قربان‌گاهہ تي رکايو آهي. اهو رت ئي تہ آهي جنهن سان ڪنهن جي زندگيءَ جو ڪفارو ادا ڪجي ٿو.


”جڏهن تون بني اسرائيل جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سندن شمار ڪرين، تڏهن انهن مان هر ڪو مرد شمار وقت مون خداوند جي لاءِ پنهنجيءَ جان جو صدقو ڏئي، انهيءَ لاءِ تہ شمار ڪرڻ کان پوءِ منجھن ڪا وبا نہ پوي.


ياد رکو، جيڪو غلط ڪم ڪري ٿو تنهن کي پنهنجي انهن ڪمن جو بدلو ملندو، ڇاڪاڻ تہ خدا وٽ ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي.


شاهوڪار توڙي غريب ٻيئي هڪجهڙا انسان آهن، انهن ٻنهي جو خالق خداوند آهي.


سو دائود جِبعونين کي چيو تہ ”آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڪهڙيءَ طرح انهيءَ گناهہ جي تلافي ڪريان، تہ جيئن اوهين خداوند جي قوم لاءِ دعا گھرو؟“


هر مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي ۽ جنهن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي، سو مون خداوند جي لاءِ اهو نذرانو ڏئي.


تون بني اسرائيل کان صدقي جا پئسا وٺي، اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ڪم آڻج، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي طرفان سندن جانين جي صدقي لاءِ اهي مون خداوند جي يادگيريءَ لاءِ نشاني هجن.“


ويهن سالن ۽ انهيءَ کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد ڇهہ لک، ٽي هزار، پنج سؤ پنجاهہ هو. انهيءَ حساب سان عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هر هڪ ماڻهوءَ ڇهہ گرام چانديءَ جا ڏنا هئا.


ملڪ جا سڀيئي ماڻهو بني اسرائيل جي ان وقت جي حڪمران وٽ اهي نذرانا کڻي اچن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ