Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هر مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي ۽ جنهن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي، سو مون خداوند جي لاءِ اهو نذرانو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 جيڪو ماڻهو شمار ٿيندڙن ۾ شامل ٿئي، ۽ انهي جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، سو خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هر هڪ مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور جي حساب سان اڌ سڪو مون خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.


پنهنجي جانين جي صدقي لاءِ جڏهن هو مون خداوند جي آڏو نذرانو ڏين، تڏهن شاهوڪار اڌ سڪي کان وڌيڪ نہ ڏئي ۽ غريب انهيءَ کان گھٽ نہ ڏئي.


مقرر ڪيل وزن وارا ماپا هن طرح هجن: 20 جيرہ برابر 1 شيڪل 60 شيڪل برابر 1 مانہ.


ملڪ جا سڀيئي ماڻهو بني اسرائيل جي ان وقت جي حڪمران وٽ اهي نذرانا کڻي اچن.


انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ تي سڄيءَ قوم کي گڏ ڪيو ۽ سڀني ماڻهن جي سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب داخلا ڪئي ويئي. جن جي عمر ويهہ سال يا ويهن سالن کان مٿي هئي تن جي نالن جي لسٽ تيار ڪئي ويئي.


جيڪي مرد ويهن سالن جا يا انهيءَ کان مٿي هئا ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جا نالا سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب درج ڪيا ويا. نالن درج ڪرڻ جي شروعات يعقوب جي وڏي پٽ روبن جي قبيلي سان ڪئي ويئي. درج ڪيلن جو تعداد هن ريت آهي: روبن جي قبيلي جا ڇائيتاليهہ هزار پنج سؤ مرد، شمعون جي قبيلي جا اوڻهٺ هزار ٽي سؤ، جد جي قبيلي جا پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ پنجاهہ، يهوداہ جي قبيلي جا چوهتر هزار ڇهہ سؤ، اِسڪار جي قبيلي جا چوونجاهہ هزار چار سؤ، زبولون جي قبيلي جا ستونجاهہ هزار چار سؤ، يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جا چاليهہ هزار پنج سؤ، يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي جا ٻٽيهہ هزار ٻہ سؤ، بنيامين جي قبيلي جا پنجٽيهہ هزار چار سؤ، دان جي قبيلي جا ٻاهٺ هزار ست سؤ، آشر جي قبيلي جا ايڪيتاليهہ هزار پنج سؤ، نفتاليءَ جي قبيلي جا ٽيونجاهہ هزار چار سؤ مرد.


اوهان جا لاش هن بيابان ۾ پيا رلندا، ڇو تہ اوهان سڀني منهنجي خلاف شڪايتون ڪيون آهن. سو اوهين ويهن سالن يا انهيءَ کان مٿي عمر وارا جيڪي بہ شمار ڪيا ويا هئا،


”اوهين سڄي بني اسرائيل جو گھراڻن موجب شمار ڪريو. انهن سمورن مردن جو شمار ڪريو جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي ۽ جنگي خدمتن جي لائق هجن.“


’جيئن تہ هنن پوري دل سان منهنجي تابعداري نہ ڪئي آهي، تنهنڪري جيڪي مصر مان نڪري آيا آهن تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هوندي، سو اهو ملڪ نہ ڏسندو جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ