Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هر هڪ مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور جي حساب سان اڌ سڪو مون خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 اهي هن ريت صدقو ڏين: جيڪو ماڻهو شمار ٿيندڙن ۾ شامل ٿئي، سو عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏئي، (هڪڙو مشقال ويهن جيراهن جي برابر آهي): يعني هو اڌ مشقال خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”منهنجا سائين! منهنجي ڳالهہ ٻڌو، زمين جي قيمت چانديءَ جي چار سؤ سڪن جي تور برابر آهي، سي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڇا آهن؟ اوهين ڀلي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو.“


بادشاهہ يوآس سڀني ڪاهنن کي گھرائي حڪم ڏنو تہ ”اهي پئسا جيڪي خداوند جي هيڪل ۾ نذراني طور آندا وڃن ٿا، يعني باقاعدي قربانين وارا پئسا ۽ خوشيءَ وارين قربانين جا پئسا سي اوهين گڏ ڪريو.


پوءِ اهي پئسا ڀلي جيڪو بہ ڪاهن وصول ڪري، سو انهن مان خداوند جي هيڪل ۾ جتي جتي بہ ڀڳ‌ٽٽ نظر اچي ان جي مرمت ڪرائي.“


هر مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي ۽ جنهن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي، سو مون خداوند جي لاءِ اهو نذرانو ڏئي.


تفصيل مطابق اهو سمورو سون جيڪو مقدس خيمي جي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ خداوند کي نذر ڪيو ويو هو، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ هزار ڪلوگرام هو.


ويهن سالن ۽ انهيءَ کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد ڇهہ لک، ٽي هزار، پنج سؤ پنجاهہ هو. انهيءَ حساب سان عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هر هڪ ماڻهوءَ ڇهہ گرام چانديءَ جا ڏنا هئا.


مقرر ڪيل وزن وارا ماپا هن طرح هجن: 20 جيرہ برابر 1 شيڪل 60 شيڪل برابر 1 مانہ.


اهي سموريون قيمتون عبادت‌گاهہ جي سڪي موجب مقرر ٿينديون. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.


انهن ماڻهن جي قيمت، عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هن ريت ٿيندي. ويهن کان سٺ سالن جي عمر واري مرد جي قيمت پنجاهہ چانديءَ جا سڪا هجي.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.


اُهي ٻار جڏهن هڪ مهيني جا ٿين تہ انهن جي عيوضي جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا پنج سڪا جنهن ۾ سٺ گرام ٿين ٿا، وٺي کين ڇڏي ڏي.


تون انهن کان هر هڪ لاءِ عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق پنج چانديءَ جا سڪا وٺ. هڪڙي چانديءَ جي سڪي جي تور اٽڪل ٻارهن گرام آهي.


ٻارهن سونا لوبان‌دان هر هڪ جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ سؤ گرام هئي. انهن سڀني جي تور جملي هڪ ڪلوگرام ۽ ٻہ سؤ گرام هئي ۽ اهي لوبان سان ڀريل هئا.


جڏهن عيسيٰ ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم ۾ اچي پهتا تہ هيڪل جو ٽيڪس اُڳاڙڻ وارا پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنهنجو استاد هيڪل جو ٽيڪس نہ ڏيندو آهي؟“


عيسيٰ هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.


تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آهي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏهن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ هن ماڻهوءَ جي خون کان آجو آهيان. اها اوهان جي ذميواري آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ