Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ”جڏهن تون بني اسرائيل جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سندن شمار ڪرين، تڏهن انهن مان هر ڪو مرد شمار وقت مون خداوند جي لاءِ پنهنجيءَ جان جو صدقو ڏئي، انهيءَ لاءِ تہ شمار ڪرڻ کان پوءِ منجھن ڪا وبا نہ پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 جڏهن تون بني اسرائيل جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سندن شمار ڪرين، تڏهن انهن مان هرڪو ماڻهو شمار وقت، خداوند جي لاءِ پنهنجي ساهہ جو صدقو ڏئي؛ تہ جڏهن تون سندن شمار ڪرين تڏهن منجهن ڪا وبا نہ پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شيطان بني اسرائيل جي خلاف کڙو ٿي دائود جي دل ۾ اهو خيال پيدا ڪيو تہ هو بني اسرائيل جو شمار ڪري.


ٽي سال ڏڪار، يا ٽي مهينا تنهنجا دشمن تلوار کنيون توهان کي ڀڄائيندا وتن، يا ٽي ڏينهن خداوند جي تلوار يعني وبا اوهان جي ملڪ ۾ پوي ۽ خداوند جو ملائڪ بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي. هاڻي ويچار ڪري ٻڌاءِ تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي وڃي ڪهڙو جواب ڏيان.“


سو خداوند بني اسرائيل تي وبا جي بيماري موڪلي ۽ بني اسرائيل جا ستر هزار ماڻهو مري ويا.


پر يوآب کيس وراڻيو تہ ”شل خداوند تنهنجي لشڪر کي سؤڻو وڌائي. اي منهنجا آقا بادشاهہ! ڇا اهي سڀ اوهان جا ٻانها ناهن؟ منهنجو آقا بادشاهہ ائين ڇو ٿو ڪرڻ گھري؟ هو بني اسرائيل کي گناهہ منجھہ ڇو ٿو وجھي؟“


يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، تنهن آدمشماري ڪرڻ شروع ڪئي پر اُها پوري نہ ڪيائين. انهيءَ آدمشماريءَ ڪرڻ ڪري بني اسرائيل تي خداوند جو غضب اچي ڪڙڪيو ۽ اُهو شمار بادشاهہ دائود جي تواريخ جي ڪتاب ۾ داخل نہ ڪيو ويو.


تڏهن بادشاهہ يهويدع سردار ڪاهن کي سڏائي چيو تہ ”تو لاوين تي زور ڇو نہ رکيو تہ هو يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان اهو ڏنُ وصول ڪري اچن، جيڪو خدا جي ٻانهي موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي لاءِ سڄيءَ قوم تي مقرر ڪيو هو؟“


پوءِ هنن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ اعلان ڪرائي ڇڏيو تہ ”جيڪو ڏنُ خدا جي ٻانهي موسيٰ بيابان ۾ خداوند جي لاءِ پنهنجي سڄيءَ قوم تي مقرر ڪيو هو سو کڻي اچو.“


تہ پوءِ اهو فرشتو مٿس مهربان ٿي خدا کي عرض ڪري ٿو تہ ’خدايا! هن کي قبر ۾ وڃڻ کان بچاءِ، ڇو تہ سندس موت جو عيوضو ادا ٿي ويو آهي.‘


سو خبردار، متان تنهنجو غصو تو کي وڌيڪ گمراهہ نہ ڪري ڇڏي، يا ناجائز دولت ميڙي سدائين قائم رهڻ واري تنهنجي سوچ تو کي ٻوڙي نہ ڇڏي.


تن مان ڪنهن کي بہ طاقت ناهي جو پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي سگھي، ۽ نہ وري کيس اها طاقت آهي جو خدا کي پنهنجو عيوضو ڏيئي سگھي.


خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ


انهن کيس چيو تہ ”جيڪي جنگي جوان اسان جي هٿ هيٺ هئا، تن جو اسان اوهان جي ٻانهن شمار ڪيو آهي. انهن مان هڪڙو بہ کُٽل ناهي.


سو اسان مان هر هڪ ڄڻي سونا زيور خداوند جي لاءِ نذرانو آندا آهن، جيڪي اسان کي هٿ آيا هئا، يعني بازوبند، چُوڙا، منڊيون، ايرنگَ ۽ هار، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي حضور ۾ اسان جي لاءِ ڪفارو ادا ٿئي.“


ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


ڏسو، ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


هن سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جي اها قرباني هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ