Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 30:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سال ۾ هڪ دفعو هارون انهيءَ قربان‌گاهہ جي سڱن تي ڪفاري وارو رت هاري ان کي پاڪ ڪري، ڇاڪاڻ تہ اها قربان‌گاهہ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي. اوهان جي سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو دفعو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو رت، جيڪو ڪفاري واسطي آهي، تنهن سان قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيو وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ هارون سال ۾ هڪ ڀيرو انهيءَ جي سڱن تي ڪفارو ڪري؛ ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو ڀيرو گناهہ جي قربانيءَ واري ڪفاري جي رت سان، ڪفارو ڪيو وڃي؛ اهو خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 30:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ادونياہ سليمان جي ڊپ کان پڻ اُٿي کڙو ٿيو ۽ عهد واري صندوق جي تنبوءَ ۾ جوڙيل قربان‌گاهہ جي سڱن کي وڃي جھليائين.


هارون ۽ سندس اولاد سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيندا هئا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪندا هئا. هو مقدس ترين جاءِ ۾ خدمت بجا آڻيندا هئا ۽ جيڪي حڪم خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏنا هئا تن موجب بني اسرائيل پاران ڪفارو ڏيندا هئا.


خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ


انهيءَ تي ٻئي ڪنهن بہ قسم جو لوبان نہ ساڙيو وڃي، نہ ئي مٿس ساڙڻ واري قرباني يا اناج جي قرباني يا اوتڻ واري قرباني هاري وڃي.


اهڙيءَ طرح هو مقدس ترين جاءِ جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪين، سندن نافرمانين ۽ سڀني گناهن جي ڪري ڪفارو ادا ڪري. سو هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ائين ڪري، ڇوجو اهو خيمي‌گاهہ اندر سندن ناپاڪين جي وچ ۾ کوڙيو وڃي ٿو.


پوءِ هو ٻاهر نڪري انهيءَ قربان‌گاهہ وٽ اچي جيڪا مون خداوند جي آڏو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. هو وهڙي ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجھہ کڻي قربان‌گاهہ جي چئني ڪنڊن وارن سڱن تي لڳائي.


”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان.


”انهيءَ ستين مهيني جو ڏهون ڏينهن، ڪفاري جو ڏينهن آهي. سو انهيءَ ڏينهن اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ پنهنجي نفس کي مارجو ۽ مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪجو.


پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي اتي رکيل لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي. باقي رت ٻاهر خيمي جي اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


پوءِ اتي هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي خوشبودار لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ، جيڪا مون خداوند جي آڏو آهي، تنهن جي سڱن تي لڳائي. وهڙي جو باقي سمورو رت هو خيمي جي سامهون اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


زمين واري خيمي جو سردار ڪاهن هر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنهنجو نہ پر جانورن جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،


پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل گناهن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو هو.


جڏهن ڇهين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون هڪڙو آواز ٻڌو. اهو آواز انهيءَ سوني لوبان‌دان جي چئني ڪنڊن تي لڳل سڱن مان اچي رهيو هو، جيڪو خدا جي اڳيان رکيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ