Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 3:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيريندس ۽ انهن عجيب ڪمن سان، جيڪي آءٌ ڪندس مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي عجيب ڪم ڪندس، تن سان انهيءَ کي ماريندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 3:20
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو فرعون، سندس عملدارن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن خلاف معجزا ۽ عجب جهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا، ڇاڪاڻ تہ تو کي خبر هئي تہ مصري انهن سان مغروريءَ سان پيش ايندا هئا. تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيڪو اڄوڪي ڏينهن تائين مشهور آهي.


هنن مصري ماڻهن منجھہ خداوند جا معجزا ڏيکاريا، هائو، سندن ملڪ ۾ عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريائون.


جيئن تہ مصر وارا بني اسرائيل کان بيحد ڊڄڻ لڳا هئا، تنهنڪري سندن مصر مان نڪري وڃڻ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا.


جيتوڻيڪ خدا مصر ملڪ ۾ هنن لاءِ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا، ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي پڻ سندن لاءِ هيبتناڪ ڪم ڪيائين، تنهن هوندي بہ هنن کيس وساري ڇڏيو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آءٌ فرعون ۽ مصر تي هڪڙي آخري آفت اڃا بہ آڻيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو. هو پڪ اوهان سڀني کي هتان ڪڍي ڇڏيندو.


انهن جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هو، تنهن مان بي‌خميري ماني پچايائون، ڇاڪاڻ تہ اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو. جيئن تہ هنن کي اوچتو مصر مان زبردستيءَ ڪڍيو ويو هو، سو کين خمير ملائڻ جو بہ وقت نہ مليو، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو کاڌو تيار ڪري سگھيا.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


اها رسم توهان وٽ ڄڻ تہ توهان جي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي ۽ توهان جي اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شريعت توهان جي زبان تي هجي. جيئن تہ خداوند پنهنجي طاقتور هٿ سان توهان کي مصر مان ڪڍي آندو آهي،


اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟


اي خداوند! تنهنجو هٿ طاقت ۾ اعليٰ آهي، اي خداوند! تنهنجي زورآور هٿ دشمن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو.


خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين تڏهن اهي سڀ معجزا جيڪي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي وڃي فرعون جي اڳيان ڏيکارج. آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هاڻي تون ڏسجانءِ تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان. آءٌ ساڻس زبردستي ڪندس، تڏهن هو منهنجي قوم کي وڃڻ ڏيندو ۽ زبردستيءَ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍي ڇڏيندو.“


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس.


جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيري تو کي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماري ڇڏيان ها تہ تون زمين تان بلڪل ميٽجي وڃي ها.


پوءِ جڏهن بہ اهي ڦرندا تڏهن خداوند کين سزا ڏيندو ۽ اهي سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا. پوءِ هو کين بچائيندو. هائو، هو سندن دعائون ٻڌندو ۽ هنن تان مصيبتون ٽاري ڇڏيندو.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان پنهنجو قهر نازل ڪندي آءٌ اوهان تي حڪمراني ڪندس.


اي خداوند! اسان کي پنهنجا معجزا ڏيکار، جيئن تو انهن ڏينهن ۾ ڏيکاريا هئا، جڏهن تون اسان کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئين.


هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رهيو.


ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.


خداوند اسان جي اکين اڳيان مصرين، فرعون ۽ سندس سڄي حويليءَ جي خلاف وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڪري ڏيکاريا.


تڏهن هن بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو. انهيءَ نبيءَ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون اوهان کي غلاميءَ واري ملڪ مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو.


تڏهن هن سڪات جي انهن اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ۽ بيابان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا کڻي انهن سان کين مار ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ