Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 3:19 - Muslim Sindhi Bible

19 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مصر جو بادشاهہ زبردستيءَ کان سواءِ اوهان کي وڃڻ ڪين ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ مون کي خبر آهي تہ مصر جو بادشاهہ اوهان کي وڃڻ جي موڪل ڪين ڏيندو، جيسين زبردستيءَ سان وڃڻ نہ ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 3:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.


سو موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ معجزا فرعون جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو.


خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ”فرعون تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيئن آءٌ پنهنجا تمام گھڻا معجزا مصر جي ملڪ ۾ ڏيکاريان.“


جڏهن فرعون جي دل سخت هئي ۽ هن اسان کي وڃڻ نہ ٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ ماڻهن توڙي چوپائي مال جي سڀني پهريتن نر ٻچن کي ماري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو اسين چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي قربان ڪريون ٿا. پر پنهنجن پهريتن پٽن جي بدران عيوضو ڏيون ٿا.


خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين تڏهن اهي سڀ معجزا جيڪي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي وڃي فرعون جي اڳيان ڏيکارج. آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


پر فرعون چيو تہ ”اهو خداوند ڪير آهي، جو آءٌ سندس ڳالهہ مڃي بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيان؟ آءٌ خداوند کي ڪونہ ٿو سڃاڻان ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.“


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هاڻي تون ڏسجانءِ تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان. آءٌ ساڻس زبردستي ڪندس، تڏهن هو منهنجي قوم کي وڃڻ ڏيندو ۽ زبردستيءَ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍي ڇڏيندو.“


تڏهن فرعون چيو تہ ”آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريو. پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گھرجو.“


سو هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو، جيئن خداوند اڳي ئي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو.


فرعون جي پڇا ڪرڻ تي جڏهن کيس ٻڌايو ويو تہ ”بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو آهي،“ تڏهن سندس دل سخت ٿي ويئي ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ