6 سندس مٿي تي پڳ رکج ۽ پڳ جي مٿان ڪهانت جي مخصوصيت واري سوني تختي رکج.
6 ۽ تون سندس مٿي تي پڳڙي رکج، ۽ پڳڙيءَ جي مٿان اهو پاڪ ڇٽ رکج.
جيڪا پوشاڪ هو ٺاهيندا سا هيءَ آهي: هڪڙو سينابند، هڪڙو مذهبي فراڪ، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳ ۽ هڪڙو پٽو. هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن لاءِ اها خاص پوشاڪ ٺاهين، تہ جيئن اهي منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي اها پوشاڪ پائين.
هائو، جيئن تہ هو مسح ڪرڻ واري تيل سان مون لاءِ وقف ٿيل آهي، سو هو مقدس خيمي کان ٻاهر نڪري ائين ڪرڻ سان پاڻ کي ناپاڪ ڪري منهنجي مقدس خيمي جي بيحرمتي نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.
سندس مٿي تي پڳ رکيائين ۽ پڳ جي مٿان اڳئين پاسي ڪهانت جي مخصوصيت واري سوني تختي رکيائين. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
ملائڪ سامهون بيٺلن کي چيو تہ ”هن جي مٿي تي ڌوتل پڳ ٻڌو.“ سو هنن کيس ڌوتل پڳ مٿي تي ٻڌي ۽ ڪپڙا پهرايائونس، جڏهن تہ خداوند جو ملائڪ ڀرسان بيٺو رهيو.