Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 29:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هارون ۽ سندس پٽن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ وٺي آڻي تڙ ڪرائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در تي وٺي اچج، ۽ کين پاڻيءَ سان وهنجارج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 29:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو ٺهرائج، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي.


اهي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ وجھائي، اها ٽوڪري انهيءَ وهڙي ۽ ٻن گھٽن سان گڏ کڻائي اچي نذر ڪج.


پوءِ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ آڻي، کين غسل ڪرائج.


پوءِ هن خدا سان ملاقات واري خيمي جي دروازي تي پردو ٽنگايو.


جڏهن بہ اهي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيندا هئا يا قربان‌گاهہ جي ويجھو ويندا هئا، تڏهن حوض مان پنهنجا هٿ پير ڌوئي ويندا هئا.


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


جڏهن ڪاهن هيڪل جي اندرين اڱڻ مان نڪري وڃڻ چاهين، تڏهن انهن کي خداوند جي خدمت لاءِ مخصوص پوشاڪون لاهي انهن ڪمرن ۾ رکڻيون پونديون. پوءِ هو عام ڪپڙا پائي ٻاهرين اڱڻ ۾ ٻين ماڻهن جي ويجھو وڃي سگھندا.“


ان کان علاوہ جيڪو ماڻهو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ سمورا وار ڪوڙائي وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو. انهيءَ کان پوءِ هو خيمي‌گاهہ ۾ اچي، پر ستن ڏينهن تائين هو پنهنجي خيمي کان ٻاهر رهي.


تون لاوين کي مون خداوند سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان منهنجي حضور ۾ آڻي بيهار ۽ سڄيءَ قوم کي اتي آڻي گڏ ڪر.


هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پاڪ بڻائي.


پر جڏهن سانجھي ٿئي تہ هو وهنجي ۽ سج لهڻ کان پوءِ ڀلي خيمي‌گاهہ جي اندر اچي.


تڏهن هن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اهو سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس رحم جي ڪري مليو. هائو، هن اسان کي انهيءَ پاڪ روح جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو، جنهن اسان کي روحاني طور ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئين زندگي عطا ڪئي.


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان خدا سان عهد اقرار ڪجي. اها بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جيئري ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ