3 اهي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ وجھائي، اها ٽوڪري انهيءَ وهڙي ۽ ٻن گھٽن سان گڏ کڻائي اچي نذر ڪج.
3 ۽ اهي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ وجهي، اها ٽوڪري انهي وهڙي، ۽ انهن گهٽن سان گڏ کڻي اچج.
بيخميري ماني، تيل ۾ ڳوهيل بيخميرا ڍوڍا ۽ تيل مکيل بيخميري ٽڪيون، اهي سڀ ميدي مان ٺهرائج.
هارون ۽ سندس پٽن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ وٺي آڻي تڙ ڪرائج.
”تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، سندن ڪهانت واري خاص پوشاڪ، مسح ڪرڻ جو تيل، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ٻہ گھٽا ۽ بيخميري مانين جي ٽوڪري کڻي،
هن بيخميري مانين واري ٽوڪريءَ مان، جيڪي خداوند جي لاءِ وقف ٿيل هيون، هڪڙي ماني، هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍي ۽ اهي چرٻيءَ ۽ ساڄي ران جي مٿان رکيائين.
تڏهن موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ ”تون ۽ تنهنجا پٽ هي گوشت خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ رڌيو. پوءِ اهو مخصوصيت واري قربانيءَ جي ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ اتي ئي ويهي کائو، جيئن مون خداوند جو حڪم ٻڌايو آهي تہ ’هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.‘
هو بيخميري مانيءَ جي ٽوڪريءَ سان اهو گھٽو سلامتيءَ جي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري. هو انهيءَ جي اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪري.