سو تون هڪڙو اهڙو ماڻهو مون وٽ موڪل جيڪو هر قسم جو اُڪر جو ڪم ڄاڻندو هجي ۽ سون، چانديءَ، پتل ۽ لوهہ جي ڪم ۾ ۽ واڱڻائي، لال ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ بہ ماهر هجي. هو يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي انهن ڪاريگرن سان گڏجي ڪم ڪندو جيڪي منهنجي پيءُ دائود جا مقرر ڪيل آهن.
ڏسو، اي يروشلم وارؤ! آءٌ ڪيئن ٿو اوهان کي وساري سگھان؟ مون تہ اوهان جي شهر کي ڄڻ پنهنجي ٻنهي هٿن جي ترين تي اُڪري ڇڏيو آهي. هائو، انهيءَ جو ڪوٽ هميشہ منهنجي اکين آڏو آهي.