Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 28:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل ڪمربند تي بہ انهيءَ پوشاڪ جهڙو ڪاريگريءَ وارو ڪم ٿيل هجي. اهو ساڳئي ئي آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ ۽ سون مان ڪاريگريءَ سان ٺهيل هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ انهي جي مٿان جيڪو ڪمربند هجي، تنهن تي بہ انهي جهڙو ڪم ڪيل هجي، ۽ ساڳئي ٽڪر مان هجي، يعني آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان، اُستاد ڪاريگر جو ٺهيل هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 28:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کي ڪلهن وٽ ٻہ پٽيون هجن، جيڪي انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هجن، جيئن اها هڪڙي پوشاڪ ٿي پوي.


تون ٻن سليماني پٿرن تي يعقوب جي ٻارهن پٽن جا نالا اُڪرائج.


پوءِ تون خاص پوشاڪ کڻائي اچي هارون کي پهراڻ، مذهبي فراڪ جي هيٺان پائڻ وارو جبو، مذهبي فراڪ ۽ سينابند پارائج. ڪاريگريءَ سان ٺهيل مذهبي فراڪ وارو ڪمربند سندس چيلهہ سان ٻڌج.


مذهبي فراڪ تي ڪاريگريءَ سان اُڻيل هڪڙو ڪمربند ڳنڍيو ويو. اهو بہ ساڳئي ٽڪري ۽ ساڳيءَ ئي بناوت وارو هو، يعني اهو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون جو هو. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


هو ماڻهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان حڪمراني ڪندو.


پوءِ هن هارون کي پهراڻ پارائي پٽو ٻڌو ۽ جبو ڍڪايائينس. انهيءَ جي مٿان مذهبي فراڪ وڌائينس ۽ ڪاريگريءَ سان اُڻيل مذهبي فراڪ وارو ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌي قابو ڪيائينس.


تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ ڇوٽڪاري واري انهيءَ فضل تي پوري اميد رکو جيڪو عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪيو ويندو.


انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ