Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 28:41 - Muslim Sindhi Bible

41 اها پوشاڪ تون پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پارائج. انهن کي مسح ڪري مخصوص ڪج تہ جيئن هو وقف ٿي منهنجي حضور ۾ ڪاهن بڻجي خدمت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ تون اهي پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي پهرائج، ۽ انهن کي مسح ڪري، مخصوص ۽ پاڪ ڪج، تہ اهي منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 28:41
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ جيئن اُهي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


جيڪا پوشاڪ هو ٺاهيندا سا هيءَ آهي: هڪڙو سينابند، هڪڙو مذهبي فراڪ، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳ ۽ هڪڙو پٽو. هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن لاءِ اها خاص پوشاڪ ٺاهين، تہ جيئن اهي منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي اها پوشاڪ پائين.


اُهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج. اهي انهن کي مون خداوند جي آڏو هٿن تي بلند ڪن، انهيءَ لاءِ تہ اها هٿن تي بلند ڪرڻ واري قرباني ٿئي.


جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ئي تون هارون ۽ سندس پٽن سان ڪج ۽ کين ستن ڏينهن ۾ وقف ڪري ڇڏج.


پوءِ مسح ڪرڻ وارو تيل کڻي، سندس مٿي ۾ وجھي کيس مخصوص ڪج.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي چيلهہ سان پٽا ٻڌج ۽ ٽوپيون پارائج. اهڙيءَ طرح تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪري ڇڏج، تہ جيئن کين ڪهانت جو هميشہ جي لاءِ حق حاصل ٿئي.


پوءِ انهن کي لوڻ جي رائي ڏيئي، ڪاريگر عطار وانگر انهن مان خوشبودار، صاف ۽ پاڪ لوبان بڻايو وڃي.


تون هارون کي خاص پوشاڪ ڍڪائج. کيس مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪري.


تون انهن کي بہ سندن پيءُ وانگر مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪن. سندن اهو مسح ٿيڻ هنن جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ ڪاهنيءَ جي نشاني ٿيندي.“


جڏهن اهو وقت ايندو تہ آءٌ اشور جو بار اوهان جي ڪلهن تان لاهي ڦٽو ڪندس. هائو، اوهان جي ڳچيءَ مان سندن ظلم جي پاڃاري ڀڃي ٽڪرا ڪري ڇڏيندس.“ دشمن لشڪر وارن رمون جي ٽڪر وٽان ٿيندي


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


اهڙيءَ طرح ستن ڏينهن تائين ڪاهن قربانيون ڪندي قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪري منهنجي لاءِ مخصوص ڪن.


مگر اوهين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو مسح ڪرڻ وارو تيل اوهان تي لڳل آهي.“ سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.


ان بعد هو پاڻ ڪنهن پاڪ جڳهہ تي ويهي وهنجي ۽ پنهنجا عام ڪپڙا پائي ٻاهر اچي. پوءِ هو پنهنجي ۽ قوم جي ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري ۽ قوم جي طرفان بہ اهڙي قرباني پيش ڪري.


پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽولي کي چيو تہ ”سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي ۽ ڪير مخصوص آهي جيڪو سندس ويجھو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي چونڊيو هوندائين تنهن کي ئي پنهنجي ويجھو اچڻ ڏيندو.


انهن کي مسح ڪري ڪهانت جي عهدي تي رکي، مقدس خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو.


بيشڪ جنهن کي خدا موڪليو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس پنهنجو روح بي‌حساب عطا ڪري ٿو.


عزت وارو اهو عهدو ڪوبہ ماڻهو پنهنجو پاڻ حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين خدا کيس هارون نالي پهرئين سردار ڪاهن وانگر نہ چونڊي.


شريعت تہ انهن کي سردار ڪاهن مقرر ڪري ٿي جيڪي ڪمزور انسان آهن، پر اهو قسم، جيڪو شريعت کان پوءِ خدا کنيو، سو سندس فرزند کي هميشہ جي لاءِ ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿو ڪري.


پر اوهان تي پاڪ هستيءَ پنهنجو روح نازل ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ