Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 28:40 - Muslim Sindhi Bible

40 تون هارون جي پٽن واسطي بہ سندن عزت ۽ زينت جي لاءِ پهراڻ، پٽا ۽ ٽوپيون ٺهرائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 ۽ تون هارون جي پٽن جي واسطي بہ سندن عزت ۽ زينت جي لاءِ پهراڻ، ڪمربند، ۽ ٽوپيون جوڙج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 28:40
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي ڀاءُ هارون جي عزت ۽ زينت جي لاءِ هڪڙي خاص پوشاڪ ٺهرائج.


جيڪا پوشاڪ هو ٺاهيندا سا هيءَ آهي: هڪڙو سينابند، هڪڙو مذهبي فراڪ، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳ ۽ هڪڙو پٽو. هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن لاءِ اها خاص پوشاڪ ٺاهين، تہ جيئن اهي منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي اها پوشاڪ پائين.


تنهن کان پوءِ سندس پٽن کي ويجھو وٺي اچي کين پهراڻ ڍڪائج.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي چيلهہ سان پٽا ٻڌج ۽ ٽوپيون پارائج. اهڙيءَ طرح تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪري ڇڏج، تہ جيئن کين ڪهانت جو هميشہ جي لاءِ حق حاصل ٿئي.


مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدا ٺاهيل ڪپڙا، يعني هارون ڪاهن جي خاص پوشاڪ، سندس پٽن جون خاص پوشاڪون، جن کي پائي هو ڪاهن واري خدمت ڪن.


جاڳ، اي صيئون! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ. هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر! هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر، هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.


ان بعد هو پاڻ ڪنهن پاڪ جڳهہ تي ويهي وهنجي ۽ پنهنجا عام ڪپڙا پائي ٻاهر اچي. پوءِ هو پنهنجي ۽ قوم جي ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري ۽ قوم جي طرفان بہ اهڙي قرباني پيش ڪري.


پوءِ موسيٰ هارون جي پٽن کي اڳتي آندو ۽ هنن کي پهراڻ پارائي پٽا ٻڌائين ۽ کين ٽوپيون پارايائين. موسيٰ هي سڀ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.


۽ نہ ئي سندن چوري چڪاري ڪن. اٽلندو اهي هر طرح سان چڱا ۽ ايماندار ٿي پيش اچن، انهيءَ لاءِ تہ اهي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي تعليم کي هر طرح سان سينگاري سگھن.


تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي.


اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو. اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ