Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 28:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جيڪا پوشاڪ هو ٺاهيندا سا هيءَ آهي: هڪڙو سينابند، هڪڙو مذهبي فراڪ، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳ ۽ هڪڙو پٽو. هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن لاءِ اها خاص پوشاڪ ٺاهين، تہ جيئن اهي منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي اها پوشاڪ پائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ اها پوشاڪ جا هو ٺاهين سا هيءَ آهي: هڪڙو سينہ بند، هڪڙو ايفود، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳڙي، ۽ هڪڙو ڪمربند: ۽ هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن جي لاءِ پاڪ پوشاڪون ٺاهين، تہ منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 28:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو مذهبي وڳو پيل هو ۽ هو خداوند جي حضور ۾ پنهنجي سڄي طاقت سان نچندو پئي هليو.


مذهبي فراڪ ۽ سينابند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پٿر ۽ هيرا جواهر.


سندس مٿي تي پڳ رکج ۽ پڳ جي مٿان ڪهانت جي مخصوصيت واري سوني تختي رکج.


اهڙيءَ طرح پڳ ۽ ٽوپيون سنهي سڻيءَ مان ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان سٿڻون ٺاهيائون.


هو ماڻهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان حڪمراني ڪندو.


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.


تہ پوءِ ثابت قدم رهو، چيلهہ سان سچ جو سندرو ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو لوهي سينابند ڍڪيو.


هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي ايمان ۽ محبت جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي ڇوٽڪاري جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون،


مون رويا ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي سينابندن جو رنگ باهہ وانگر ڳاڙهو، نيرو ۽ گندرف جهڙو پيلو هو. انهن گھوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا ۽ سندن وات مان باهہ، دونهون ۽ گندرف پئي نڪتو.


انهن ڏينهن ۾ سموئيل جيڪو اڃا ٻار هو، سو سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پهري خداوند جي خدمت ڪندو هو.


تڏهن بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ ”تون اُٿ ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر.“ پوءِ دوئيگ ادوميءَ اُٿي ڪاهنن تي حملو ڪيو. انهيءَ ڏينهن هن پنجاسي ڪاهن ماريا، جيڪي سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پائيندا هئا.


جڏهن ابي‌ياتر ولد اخيملڪ ڀڄي دائود وٽ قعيلہ ۾ آيو هو تہ پاڻ سان مذهبي وڳو بہ کڻي آيو هو.


پوءِ دائود اخيملڪ جي پٽ ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مون کي مذهبي وڳو آڻي ڏي.“ تڏهن ابي‌ياتر اهو کڻي دائود وٽ آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ