31 ”تون مذهبي فراڪ جي هيٺان پائڻ وارو جبو سڄو آسماني رنگ جو ٺهرائج.
31 ۽ تون ايفود وارو جبو سڄو آسماني رنگ جو جوڙج.
پوءِ سينابند جي ڇلن کي مذهبي فراڪ جي ڇلي سان گڏ هڪڙي آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان ٻڌائي ڇڏج، تہ جيئن اهو مذهبي فراڪ جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند تي رهي ۽ سينابند مذهبي فراڪ تان هٽي نہ وڃي.
انهيءَ کي وچ ۾ مٿي وجھڻ لاءِ سوراخ هجي. انهيءَ سوراخ جي چوڌاري گريبان وانگر هڪڙي اُڻيل پٽي هجي، انهيءَ لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي.
جيڪا پوشاڪ هو ٺاهيندا سا هيءَ آهي: هڪڙو سينابند، هڪڙو مذهبي فراڪ، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳ ۽ هڪڙو پٽو. هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن لاءِ اها خاص پوشاڪ ٺاهين، تہ جيئن اهي منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي اها پوشاڪ پائين.
پوءِ تون خاص پوشاڪ کڻائي اچي هارون کي پهراڻ، مذهبي فراڪ جي هيٺان پائڻ وارو جبو، مذهبي فراڪ ۽ سينابند پارائج. ڪاريگريءَ سان ٺهيل مذهبي فراڪ وارو ڪمربند سندس چيلهہ سان ٻڌج.
پوءِ هن هارون کي پهراڻ پارائي پٽو ٻڌو ۽ جبو ڍڪايائينس. انهيءَ جي مٿان مذهبي فراڪ وڌائينس ۽ ڪاريگريءَ سان اُڻيل مذهبي فراڪ وارو ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌي قابو ڪيائينس.
سندس ماءُ سال بسال جڏهن بہ پنهنجي مڙس سان سالياني قرباني ڪرڻ لاءِ اتي ايندي هئي، تڏهن هڪڙو ننڍو جبو ٺاهي هن لاءِ کڻي ايندي هئي.