Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 28:30 - Muslim Sindhi Bible

30 مون خدا جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ تون سينابند ۾ اُوريم ۽ ٿُميم وجھائي ڇڏج. جڏهن هارون مون خداوند جي آڏو حاضر ٿئي تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن. اهڙيءَ طرح هارون بني اسرائيل بابت منهنجي مرضيءَ معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ دل جي مٿان هميشہ مون خداوند جي آڏو کنيو رهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ تون عدالت جي سينہ بند ۾ اوريم ۽ تميم وجهج، ۽ جڏهن هارون خداوند جي حضور ۾ وڃي، تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن، ۽ هارون هميشہ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي عدالت پنهنجيءَ دل جي مٿان کڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 28:30
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري.


يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري.


سو هارون بني اسرائيل جي قبيلن جا نالا انهيءَ سينابند تي پنهنجيءَ دل جي مٿان هڻي، مقدس جاءِ ۾ داخل ٿيڻ وقت مون خداوند جي آڏو پاتل رهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ انهن کي هميشہ ياد رکان.


کيس سينابند پارائي، انهيءَ ۾ اُوريم ۽ ٿُميم بہ وڌائين.


هائو، اهو ئي مون خداوند جي هيڪل تعمير ڪندو. سندس شان وَ شوڪت وڌي ويندو ۽ اهو پنهنجي تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو. درٻار ۾ هو پنهنجي ساڄي هٿ تي ڪاهن کي ويهاريندو ۽ اهي ٻيئي پاڻ ۾ اتفاق سان صلاح مصلحت ڪندا.‘


يشوع اليعزر ڪاهن وٽ پيو ايندو رهندو، جيڪو اليعزر جي طرفان مون خداوند جي حضور مان اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي منهنجي مرضي معلوم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح اليعزر اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ يشوع ۽ سڄيءَ قوم جي رهنمائي ڪندو.“


تنهنڪري آءٌ اوهان جي خاطر وڏي خوشيءَ سان پنهنجو سڀ ڪجھہ خرچ ڪري ڇڏيندس، بلڪ پنهنجي جان بہ ڏيئي ڇڏيندس. سو جڏهن آءٌ اوهان سان ايڏو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ ڇو اوهين مون سان گھٽ پيار ٿا ڪريو؟


آءٌ اوهان کي ڏوهي قرار ڏيڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي تہ اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ اهڙي جاءِ آهي جو اسين جيئڻ توڙي مرڻ ۾ هميشہ گڏ آهيون.


لاوي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”اي خدا! انهن ٻانهن وٽ تنهنجو اُوريم ۽ ٿُميم آهي، مساہ واري ٽڪريءَ تي تنهنجي آزمائڻ سان اهي سچا نڪتا هئا، هائو، جڏهن مريباہ چشمي وٽ تو انهن سان جھڳڙو ڪيو هو.


تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.


اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ بي‌گناهہ رهيو.


مقدس ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ دائمي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي.


يشوع جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل قوم خداوند کان پڇيو تہ ”اسان جي قبيلن مان ڪير پهريائين اڳتي وڌي ڪنعانين تي حملو ڪري؟“


پوءِ بني اسرائيل بيت‌ايل شهر ۾ مقدس هنڌ تي ويا ۽ خدا کان ڪڻا وجھي صلاح پڇيائون تہ ”بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهريائين ڪير چڙهائي ڪري؟“ خداوند چيو تہ ”يهوداہ قبيلو پهريائين وڃي.“


سو هن خداوند کان پڇيو، پر خداوند کيس ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي ۽ نہ ئي نبين جي وسيلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ