Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 28:29 - Muslim Sindhi Bible

29 سو هارون بني اسرائيل جي قبيلن جا نالا انهيءَ سينابند تي پنهنجيءَ دل جي مٿان هڻي، مقدس جاءِ ۾ داخل ٿيڻ وقت مون خداوند جي آڏو پاتل رهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ انهن کي هميشہ ياد رکان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ هارون اسرائيل جي پٽن جا نالا پنهنجيءَ دل جي مٿان عدالت جي سينہ بند ۾ کڻي، انهي لاءِ تہ جڏهن هو پاڪ مڪان ۾ وڃي تڏهن هميشہ خداوند جي حضور ۾ اها يادگيريءَ جي هڪڙي نشاني هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 28:29
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اهي ٻئي پٿر مذهبي فراڪ جي ڪلهن وارين پٽين تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن کي ياد رکڻ لاءِ لڳرائج. هارون انهن جا نالا مون خداوند جي يادگيريءَ لاءِ پنهنجي ٻنهي ڪلهن تي کڻندو.


مون خدا جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ تون سينابند ۾ اُوريم ۽ ٿُميم وجھائي ڇڏج. جڏهن هارون مون خداوند جي آڏو حاضر ٿئي تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن. اهڙيءَ طرح هارون بني اسرائيل بابت منهنجي مرضيءَ معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ دل جي مٿان هميشہ مون خداوند جي آڏو کنيو رهي.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي دلي تمنا آهي تہ بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آهيان.


انهن جو اڳواڻ انهن منجھان ئي هوندو. هائو، انهن جو حاڪم سندن منجھان ئي ٿيندو. آءٌ هن کي سڏيندس تڏهن هو منهنجي ويجھو ايندو، نہ تہ ڪنهن جي مجال آهي جو ڪو پاڻ منهنجي ويجھو اچي سگھي؟ سو آءٌ ئي سندن خدا هوندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


مون کي هميشہ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي، ۽ منهنجي ياد کي پنهنجي منڊيءَ تي مُهر جيان هڻي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ جيئن موت اڻٽر آهي، تيئن اسان جي محبت اڻٽٽ آهي، ۽ اسان جي هڪٻئي لاءِ ڪشش ڪڏهن بہ ختم ٿيڻ واري ناهي. اسان جي محبت جا شعلا ڀڙڪندڙ باهہ جي شعلن کان بہ وڌيڪ تيز آهن.


”مون خدا جي مرضي معلوم ڪرڻ وقت پائڻ لاءِ تون هڪڙو سينابند ٺهرائج، جيڪو مذهبي فراڪ وانگر ڪاريگريءَ سان ٺهيل هجي. اهو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن واري سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون مان ٺهرائج.


پوءِ سينابند جي ڇلن کي مذهبي فراڪ جي ڇلي سان گڏ هڪڙي آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان ٻڌائي ڇڏج، تہ جيئن اهو مذهبي فراڪ جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند تي رهي ۽ سينابند مذهبي فراڪ تان هٽي نہ وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ