هن ڪري جو اهو بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ ڪاهنن جو حق ٿئي. سو بني اسرائيل جي طرفان اهو سندن سلامتيءَ جي قربانين مان خاص قرباني ٿيندو، جيڪو سندن طرفان مون خداوند لاءِ آهي.
خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.
خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تانتہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.
ان بعد موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان ۽ قربانگاهہ تي پيل رت مان ڪجھہ کڻي هارون ۽ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪن تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن هارون ۽ سندس پٽن ۽ انهن جي خاص پوشاڪن کي مخصوص ڪيو.
پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي.