Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 28:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تون انهن ٻنهي پٿرن تي، جيئن جوهري منڊيءَ تي نقش اُڪريندو آهي تيئن يعقوب جي پٽن جا نالا اُڪرائج ۽ انهن ٻنهي پٿرن کي سون جي خانن ۾ جڙائي ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ تون انهن ٻنهي پهڻن تي وينجهر جي ڪم وانگر، اسرائيل جي پٽن جا نالا اُڪرج، جيئن منڊي اُڪربي آهي؛ ۽ اهي سون جي خانن ۾ جوڙج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 28:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪاش! اهي ڇيڻيءَ سان پٿر تي اُڪريون وڃن ها، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هميشہ لکيل رهن ها.


انهن مان ڇهہ نالا هڪڙي پٿر تي ۽ باقي ڇهہ ٻئي پٿر تي، سندن پيدائش جي ترتيب موجب اُڪرائج.


تون اهي ٻئي پٿر مذهبي فراڪ جي ڪلهن وارين پٽين تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن کي ياد رکڻ لاءِ لڳرائج. هارون انهن جا نالا مون خداوند جي يادگيريءَ لاءِ پنهنجي ٻنهي ڪلهن تي کڻندو.


اهي هيرا جواهر يعقوب جي پٽن جي نالن مطابق تعداد ۾ ٻارهن هجن. جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن اهي نالا جيڪي ٻارهن قبيلن جا نالا هوندا، سي هر هڪ هيري جواهر تي جدا جدا اُڪريل هجن.


انهن ٻنهي زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا، سون جي ٻنهي خانن ۾ جڙائي ڇڏج، جيڪي مذهبي فراڪ جي ڪلهي وارين پٽين تي انهيءَ جي اڳ واري پاسي کان هجن.


تون نج سون جي هڪڙي تختي ٺهرائج ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪرائي ڇڏج، ’خداوند جي لاءِ مخصوص.‘


۽ چوٿينءَ قطار ۾ فيروزو، سليماني پٿر ۽ زبرجد. اهي سون جي خانن ۾ جڙيل هئا.


انهن زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا ٻنهي خانن ۾ جڙي انهن کي مذهبي فراڪ جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي اڳئين پاسي کان لڳايائون.


هنن سليماني پٿر جا ٽڪرا گھڙي سون جي خانن ۾ جڙي ڇڏيا. انهن تي يعقوب جي ٻارهن پٽن جا نالا اُڪريا ويا، جيئن منڊي اُڪربي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ جا بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم! آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ تون منهنجي شاهي اختياريءَ جي نشان طور منڊيءَ مثل آهين تہ بہ آءٌ تو کي پنهنجي آڱر مان لاهي ڦٽو ٿو ڪريان.


اي يشوع! ڏس، مون تنهنجي اڳيان جيڪو پٿر لڳايو آهي، تنهن کي ست ڪنڊون آهن ۽ انهيءَ تي آءٌ هيءَ ڳالهہ نقش ڪري ڇڏيندس تہ آءٌ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هن ملڪ جا گناهہ مِٽائي ڇڏيندس.


اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو پيغام يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي ايمان آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح خدا پنهنجو واعدو پورو ڪندي اوهان کي بہ پاڪ روح عطا ڪيو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


تنهن هوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”خداوند پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“


پوءِ مون هڪڙي ٻئي ملائڪ کي اوڀر کان مٿي ايندي ڏٺو، جنهن وٽ زندہ خدا جي مُهر هئي. جن چئن ملائڪن کي هوائن تي اختيار ڏنو ويو هو تہ جيئن اهي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انهيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ