Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 27:19 - Muslim Sindhi Bible

19 خيمي ۾ استعمال ٿيندڙ هر قسم جا ٿانوَ، خيمي جون ڪليون ۽ اڱڻ جون ڪليون اهي سڀ پتل جا هجن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 خيمي جا سڀ ٿانو سڀني ڪمن لاءِ، انهن جون ڪليون، ۽ اڱڻ جون سڀ ڪليون، پتل جون هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 27:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ٿوري وقت کان تو خداوند اسان جي خدا اسان تي مهرباني ڪئي آهي جو اسان مان باقي بچيلن کي جلاوطنيءَ مان ڇڏايو اٿيئي تہ جيئن اسين تنهنجي هن پاڪ هنڌ تي سلامتيءَ سان رهون. تو اسان کي نئين زندگي ڏني آهي ۽ غلاميءَ جي باوجود اسان کي ٿورو آرام بخشيو اٿيئي.


سو اڱڻ جي سڄي قنات سنهي وٽيل سڻيءَ جي هجي، جنهن جي ڊيگھہ چوئيتاليهہ ميٽر، ويڪر ٻاويهہ ميٽر ۽ اوچائي سوا ٻہ ميٽر هجي. انهيءَ جي ٿنڀن جا پاوا پتل جا هجن.


”تون بني اسرائيل کي حڪم ڪج، تہ اُهي روشني ڪرڻ لاءِ ڪُٽيل زيتون جو نج تيل تو وٽ آڻين، تہ جيئن هر رات ڏيئو ٻرندو رهي.


قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا ٺهرائج. اهي سڀ ٿانوَ پتل جا ٺهرائج.


مقدس خيمي ۽ سندس اڱڻ جي قناتن لاءِ ڪليون ۽ انهن جا رسا،


خيمي ۽ اڱڻ جي چوڌاري قناتن واريون سڀ ڪليون پتل جون هيون.


ان کان سواءِ انهيءَ مان اڱڻ جي چوڌاري ٿنڀن وارا پاوا، اڱڻ جي دروازي جي ٿنڀن جا پاوا، خيمي جون سڀ ڪليون ۽ اڱڻ جون ڪليون ٺاهيون ويون.


اڱڻ جي قنات، انهيءَ جا ٿنڀا پاون سميت، اڱڻ جي دروازي جو پردو، انهيءَ جا رسا، انهيءَ جون ڪليون ۽ مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جي خدمت ڪرڻ واسطي باقي سامان،


ڏاهپ جون ڳالهيون ريڍار جي انهيءَ لٺ مثل آهن، جنهن سان هو رڍن کي هڪلي ٿو. هائو، اهي گڏ ڪيل نصيحتون سُوئي وانگر چڀندڙ آهن. اهي سڀ نصيحتون انهيءَ جي طرفان عطا ڪيل آهن، جيڪو اسان سڀني جو ڌنار آهي.


صيئون جبل ڏانهن نهاري ڏسو، جتي اسين مخصوص عيدون ملهائيندا آهيون. هائو، اوهين يروشلم ڏانهن نهاريو، جيڪو امن وَ سلامتيءَ جي جاءِ آهي. اهو اهڙي مضبوط تنبوءَ مثل آهي جنهن کي هٽائي نہ سگھبو، جنهن جا ڪِلا ڪڏهن بہ پٽي نہ سگھبا، ۽ جنهن جي رسن مان هڪڙو رسو بہ نہ ڇڄندو.


انهن منجھان ئي سندن حاڪم بڻايا ويندا، جيڪي بنياد جي پٿر، تنبوءَ جي ڪليءَ، ۽ جنگي تيرڪمان مثل هوندا.


انهيءَ کان سواءِ ٻاهرين اڱڻ جي چوگرد وارا ٿنڀا، انهن جا پاوا ۽ انهن جا رسا ۽ ڪليون بہ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.


انهيءَ جي چوگرد واري اڱڻ جا ٿنڀا، انهن جا پاوا، ڪليون، رسا، سڀيئي اوزار ۽ اهي سڀ شيون جيڪي انهيءَ سان واسطو رکن ٿيون، سي بني مراري ئي کڻن. مطلب تہ جيڪي شيون انهن کي کڻڻيون آهن، سي ناليوار انهن جي ذمي ڪيون وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ