Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 26:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پنجاهہ سون جا ڪُنڍا ٺهرائج ۽ ٻنهي وڏن پردن کي انهن ڪُنڍن سان ڳنڍائي ڇڏج. اهڙيءَ طرح سڄي قنات ۽ پال هڪ ٿي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ تون سون جون پنجاهہ آنڪڙيون جوڙج، ۽ انهن آنڪڙين سان، پردا هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏج؛ پوءِ يڪو خيمو تيار ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 26:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ تون پنجاهہ پتل جا ڪنڍا ٺهرائي انهن سوراخن ۾ وجھائي خيمي کي مٿان ڳنڍائي هڪ ڪرائي ڇڏج.


اهو پردو تون وڏن پردن جي ڪُنڍن جي هيٺان لٽڪرائي ڇڏج. پوءِ اها عهد واري صندوق، انهيءَ پردي جي اندر آڻي رکائج. هي پردو اوهان جي لاءِ مقدس جاءِ کان مقدس ترين جاءِ کي الڳ ڪندو.


پنجاهہ سوراخ هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي ۽ پنجاهہ ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي ٺهرائج. اهي سوراخ هڪٻئي جي آمهون سامهون هجن.


”خيمي کي مٿان ڍڪڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا ٺهرائج.


يعني مقدس خيمو ۽ انهيءَ جو هي سامان: خيمي جي قنات ۽ پال، انهيءَ جا ٻہ غلاف، انهيءَ جا ڪنڍا، فريم، گز، ٿنڀا ۽ پاوا،


سون جا پنجاهہ ڪنڍا ٺاهيا ويا. انهن ڪنڍن سان پردا هڪٻئي سان ڳنڍيا ويا. اهڙيءَ طرح مقدس خيمي جي قنات ۽ پال هيڪاندي ٺهي تيار ٿي ويئي.


پوءِ پتل جا پنجاهہ ڪنڍا ٺاهيا ويا تہ جيئن ڍڪ کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏجي.


پوءِ هنن اهو مقدس خيمو سموري سامان سميت موسيٰ وٽ آندو. سامان ۾ هي شيون شامل هيون: خيمي جا ڪنڍا، فريم، گز، ٿنڀا ۽ انهن جا پاوا،


انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي بدن جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ بدن جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو بدن وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ