Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 26:14 - Muslim Sindhi Bible

14 خيمي جي مٿان وجھڻ لاءِ ٻہ غلاف ٻيا بہ ٺهرائج، هڪڙو گھٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن مان ۽ ٻيو ڊالفن دريائي جانور جي کلن مان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ تون گهيٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن مان، ۽ مل ار مڇيءَ جي کلن مان، خيمي جو ڍڪ ٺاهج، جو سڀني جي مٿان هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 26:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت جي وقتن تي هو مون کي پنهنجي مقدس خيمي ۾ پناهہ ڏيندو، ۽ مون کي خيمي جي پردي اندر لڪائي رکندو. هو مون کي ٽڪر جي چوٽيءَ تي چاڙهي حفاظت ۾ رکندو.


گھيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ڊالفن دريائي جانور جون کلون ۽ ٻٻر جو ڪاٺ،


ڍڪ جي ٻنهي پاسن ۾ جيڪو اڌ اڌ ميٽر قنات کان وڌيڪ آهي، سو ڀلي خيمي جي ٻنهي پاسن ۾ قنات جي ٻاهران لڙڪيل هجي تہ جيئن خيمو پوريءَ طرح ڍڪيل رهي.


جن ماڻهن وٽ آسماني، واڱڻائي يا لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو يا سنهي سڻيءَ جو ڪپڙو، ٻڪرين جي ڏاس، گھٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون يا ڊالفن دريائي جانور جون کلون هيون، سي اهي کڻي آيا.


گھٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ڊالفن دريائي جانور جون کلون ۽ ٻٻر جو ڪاٺ،


ڍڪ لاءِ هڪڙو غلاف گھٽن جي ڳاڙهين رنڱيل کلن جو ٺاهيو ويو، تنهن جي مٿان لاءِ وري ٻيو غلاف ڊالفن دريائي جانور جي کلن جو ٺاهيو ويو.


گھٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن جو غلاف، ڊالفن دريائي جانور جي کلن جو غلاف ۽ مقدس ترين جاءِ جو پردو،


تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہ‌گاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِ‌پناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.


سندس جلوو ڏينهن جي وقت گرميءَ کان ڇانوَ ڪندو ۽ آنڌيءَ ۽ برسات ۾ ڍڪ ۽ پناهہ ثابت ٿيندو.


مون تو کي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا ۽ عمدي چمڙي جي جتي بہ پارايم، عمدي سڻيءَ جي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي مٿي سان ٻڌم ۽ تو کي قيمتي ڪپڙي جي چادر ڍڪايم.


هو شمعدان کي انهيءَ جي سڀني ٿانون سميت ڊالفن دريائي جانور جي پوش ۾ ويڙهي ڏوليءَ ۾ رکن.


هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي قنات ۽ پال ۽ سندس ڍڪ، ٻاهرين غلاف سميت جيڪو ڊالفن دريائي جانور جي کل جو آهي، سو ۽ خيمي جي در جو پردو کڻن.


جڏهن منزل کڻڻي هجي، تڏهن هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اندر وڃن، مقدس ترين جاءِ جو پردو لاهي انهيءَ سان عهد واري صندوق کي ڍڪين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ