Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 25:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ خيمي ۽ ان جي ٻئي سامان جو جيڪو نمونو آءٌ تو کي ڏيکاريندس تنهن موجب اهي ٺاهجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 انهي خيمي جو نمونو ۽ انهي جي ٻئي سامان جو نمونو، جيئن آءٌ توکي ڏيکاريان، تيئن ئي اوهين جوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 25:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڌيان رکج، اهي سڀ شيون اهڙي ئي نموني ٺهرائج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو آهي.“


خيمي کي تون انهيءَ نموني موجب کڙو ڪرائي بيهارج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو هو.


اهڙيءَ طرح مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو. بني اسرائيل سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تيئن ئي بني اسرائيل سمورو ڪم پورو ڪيو.


موسيٰ انهيءَ سموري ڪم کي پنهنجيءَ نظر مان ڪڍيو ۽ ڏٺائين تہ هنن سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم مطابق ڪيو آهي، تڏهن کين دعا ڪيائين.


سڀيئي ٿانوَ، جيڪي مقدس جاءِ جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪم ٿا اچن سي سڀ کڻي هو هڪڙي آسماني رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهين. پوءِ ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪي اهي بہ ڏوليءَ ۾ رکن.


شمعدان جي بناوت هن طرح هئي جو اهو تري کان وٺي گلن وارين ڏياٽين تائين سڄو سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيو ويو هو. جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو ئي هن شمعدان ٺاهيو.


اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ خدا سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو.


اتي هو انهيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو حقيقي مقدس خيمو آهي ۽ جنهن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آهي.


هتي مقدس جاءِ ۾ هو جيڪا خدمت ڪن ٿا، سا آسمان واري مقدس خيمي واري حقيقي خدمت جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، خدمت واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“


هڪ مقدس خيمي جي صورت ۾ کوڙي ويئي هئي. انهيءَ جي پهرئين ڪمري ۾ هڪ شمعدان ۽ هڪ ميز هوندي هئي، جنهن تي نذراني جا روٽ رکيل هوندا هئا. انهيءَ ڪمري کي مقدس جاءِ سڏيو ويندو هو.


اهو خيمو هاڻوڪي زماني لاءِ هڪڙو مثال آهي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون آهن، سي عبادت ڪندڙ کي ضمير جي نسبت سان ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ