4 آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو ۽ ڏاس،
4 آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جو ڪپڙو، سڻي ۽ ڏاس؛
ان بعد فرعون مُهر واري منڊي پنهنجيءَ آڱر مان لاهي يوسف کي آڱر ۾ پارائي. کيس عمدي ڪپڙي جو جبو ڍڪايائين ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پارايائينس.
جيڪي شيون تون نذراني طور هنن کان وٺندين سي هي آهن: سون، چاندي ۽ پتل،
گھيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ڊالفن دريائي جانور جون کلون ۽ ٻٻر جو ڪاٺ،
اهي ماڻهو انهيءَ پوشاڪ لاءِ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو ۽ سون استعمال ڪن.
هو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون سان مذهبي فراڪ ٺاهين، جنهن تي ڪاريگريءَ سان ڪم ٿيل هجي.
مون تو کي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا ۽ عمدي چمڙي جي جتي بہ پارايم، عمدي سڻيءَ جي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي مٿي سان ٻڌم ۽ تو کي قيمتي ڪپڙي جي چادر ڍڪايم.
تنهنجو سِڙهہ سنهي عمدي سڻيءَ جي ڀرت ڀريل ڪپڙي جو هو، جيڪو مصر مان آندو ويو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهو تنهنجي واسطي جھنڊي جو ڪم ڏئي. تنهنجو شاميانو عمدي ڪپڙي جو ۽ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو، جيڪو قبرص ٻيٽ مان آندو ويو هو.
هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“