Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 25:30 - Muslim Sindhi Bible

30 انهيءَ ميز تي تون منهنجي حضور ۾ نذراني وارا روٽ هميشہ رکندو رهج.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ تون انهيءَ ميز تي هميشہ منهنجي حضور ۾ نذراني جي ماني رکندو رهج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 25:30
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سليمان بادشاهہ خداوند جي هيڪل لاءِ سون جو هي سامان ٺهرايو: لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ، نذراني وارا روٽ رکڻ لاءِ ميز،


سندن هيءَ پڻ ذميواري هئي: خداوند اڳيان نذر ڪيل ماني، نذرانن ۾ استعمال ٿيندڙ اٽو، بي‌خميري ڍوڍا، پڪل مانين جا نذرانا ۽ زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل اٽو پيش ڪرڻ، خداوند جي هيڪل ۾ پيش ٿيندڙ نذرانن جي تور ماپ ڪرڻ،


سندن قهات گھراڻي وارن ڀائرن مان ڪي هر سبت تي هيڪل ۾ خداوند جي لاءِ مخصوص روٽ پچائڻ واسطي مقرر هوندا هئا.


اهي روزانو صبح جو ۽ شام جو خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندا آهن ۽ لوبان ساڙيندا آهن. هو نذراني وارا روٽ بہ نج سون جي پٽ چڙهيل ميز تي ٺاهي سنواري رکندا آهن ۽ سوني شمعدان ۾ رکيل ڏيئا هر روز شام جو ٻاريندا آهن. اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي قائم آهيون، پر اوهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي.


سليمان صور جي بادشاهہ حيرام ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تو منهنجي پيءُ دائود سان سندس رهڻ جي لاءِ محل تعمير ڪرڻ واسطي ديال جي ڪاٺ ڏيڻ جو سودو ڪيو هو تيئن مون سان بہ سودو ڪر.


آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙو گھر جوڙائڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ ان گھر کي خدا جي لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي اڳيان خوشبودار لوبان ساڙيو وڃي. اتي سندس حضور ۾ باقائدہ مخصوص روٽ پيش ڪيا وڃن ۽ صبح شام، سبت جي ڏينهنِ تي، نئين چنڊ جي ڏينهنِ تي ۽ خداوند اسان جي خدا جي مقرر ڪيل عيدن تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهو بني اسرائيل لاءِ هميشہ جو قانون آهي.


ميز ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ ۽ نذراني وارا روٽ،


ميز، انهيءَ جا سمورا ٿانوَ ۽ نذراني وارا روٽ،


انهيءَ تي نذراني وارا روٽ ترتيب سان خداوند آڏو رکايائين.


تون ميز مقدس جاءِ ۾ آڻائي، انهيءَ جون سموريون شيون مٿس ٺاهي جوڙي رکائج. شمعدان بہ اندر آڻائي رکج ۽ انهيءَ جا ڏيئا ٻارائي ڇڏج.


جيڪا ڪاٺ جي ٺهيل قربان‌گاهہ ڏسڻ ۾ ٿي آئي. اها ڏيڍ ميٽر اوچي ۽ هڪ ميٽر چورس هئي. انهيءَ جا ڪُنڊن وارا ٿنڀا، پاوا ۽ پاسا سڀيئي ڪاٺ جا ٺهيل هئا. انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها ميز آهي جيڪا خداوند جي حضور ۾ رکيل هوندي آهي.“


پر اوهين هي سوچيندي منهنجي نالي جي بي‌ادبي ٿا ڪريو تہ ’خداوند جي قربان‌گاهہ ناپاڪ آهي ۽ انهيءَ تي پيش ڪيل نذرانو نفرت جوڳو آهي.‘


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي ناپاڪ نذرانا ٿا پيش ڪريو. تنهن هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ’اسان ڪهڙيءَ طرح تنهنجي گستاخي ڪئي آهي؟‘ اوهين مون خداوند جي قربان‌گاهہ کي حقير ڄاڻي منهنجي بي‌ادبي ٿا ڪريو.


نذراني جي روٽن واري ميز تي آسماني رنگ جو ڪپڙو وڇائين. انهيءَ تي ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ رکن. ان کان سواءِ انهيءَ تي روٽ بہ هميشہ رکيل هجن.


هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو هو ۽ پوءِ هن ۽ سندس ساٿين نذراني وارا اهي روٽ کاڌا هئا جيڪي هنن کي نہ، بلڪ رڳو ڪاهنن کي کائڻ جائز هئا.


هڪ مقدس خيمي جي صورت ۾ کوڙي ويئي هئي. انهيءَ جي پهرئين ڪمري ۾ هڪ شمعدان ۽ هڪ ميز هوندي هئي، جنهن تي نذراني جا روٽ رکيل هوندا هئا. انهيءَ ڪمري کي مقدس جاءِ سڏيو ويندو هو.


تڏهن ڪاهن دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”مون وٽ ٻي عام رواجي ماني تہ ڪانهي، پر رڳو خدا لاءِ نذراني وارا روٽ حاضر آهن، پر رڳو اهي ماڻهو انهن روٽن کي کائي سگھن ٿا جن پاڻ کي عورتن کان پري رکيو هجي.“


دائود ڪاهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ سچ ٿو چوان تہ گذريل چند ڏينهن کان اسين عورتن کان پري آهيون. جڏهن اسين رڳو عام رواجي سفر لاءِ ٻاهر نڪرندا آهيون تڏهن بہ اسين پاڻ کي پاڪ رکندا آهيون. پر اڄ جڏهن تہ هي اسان جو خاص سفر آهي، تڏهن اسان پاڻ کي پاڪ رکڻ لاءِ ڪيڏو نہ وڌيڪ خيال رکيو هوندو!“


تڏهن ڪاهن کيس نذراني وارا اهي روٽ آڻي ڏنا، ڇاڪاڻ تہ هن وٽ خداوند لاءِ مخصوص انهن روٽن کان سواءِ ٻي ڪابہ ماني ڪانہ هئي. اهي روٽ نذراني وارن روٽن جي ميز تان اڳ ۾ ئي کنيا ويا هئا، تان‌تہ انهن جي جاءِ تي تازا روٽ رکيا وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ