Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 25:22 - Muslim Sindhi Bible

22 اُتي آءٌ تو سان ملندس. رحمت جي پوش مٿان ۽ عهد واري صندوق تي جيڪي ٻہ مجسما هوندا تن جي وچ مان آءٌ انهن سڀني حڪمن جي باري ۾ جيڪي بني اسرائيل کي ڏيڻا هوندم، تو سان ڳالهائيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ اتي يعني رحمت جي پوش جي مٿان، شاهديءَ جي صندوق تي جيڪي ٻہ ڪروبي هوندا، تن جي وچ ۾ آءٌ توکي گڏبس، ۽ جن ڳالهين بابت بني اسرائيل جي لاءِ توکي حڪم ڏيڻا هوندم، تن بابت تو سان گفتگو ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 25:22
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ سندس ملاقات واري خيمي ۾ ويو تڏهن عهد واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن مٿان پردار آسماني مخلوق جي ٻنهي مجسمن جي وچ مان خداوند کي پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌائين.


”اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.


اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.


۽ خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي چيائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.


سو انهن سيلا شهر ڏانهن ماڻهو موڪليا جيڪي اُتان اها عهد واري صندوق، جنهن تي پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي وچ ۾ قادرِمطلق خداوند تخت‌نشين هو، سا کڻي آيا. عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس خدا جي عهد واري صندوق سان گڏ هئا.


تون اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي اڳيان آڻي رک، جتي آءٌ تو سان ملاقات ڪندو آهيان.


”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان.


خداوند بادشاهہ آهي. هو پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهي، سو سڀيئي قومون ڏڪن ٿيون، هائو، ڌرتيءَ کي ڪنبڻي آهي.


هو انهن سڀني کي ساڻ ڪري يهوداہ جي بعلہ شهر ڏانهن روانو ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ اتان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي، جيڪا قادرِمطلق خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جيڪو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ صندوق تي تخت‌نشين آهي.


تون انهيءَ مان ڪجھہ ڪُٽي تمام سنهو ڪج ۽ انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي سامهون رکج، جتي آءٌ تو سان ملندو رهندس. اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيندو.


تون اها قربان‌گاهہ ان پردي جي اڳيان رکائج، جيڪو عهد واري صندوق وٽ آهي، جيئن اها رحمت جي پوش جي سامهون رهي، جيڪو عهد واري صندوق جي مٿان آهي. اُتي آءٌ تو سان ملندو رهندس.


جيئن تہ خدا جي عهد واري صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي ئي هئي ۽ فينحاس جيڪو هارون جو پوٽو ۽ اليعزر جو پٽ هو سو انهيءَ جي سنڀال ڪندو هو، تنهنڪري بني اسرائيل اتي وڃي خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجي هم‌قوم بني بنيامين سان هڪ دفعو وري جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃون يا نہ؟“ تڏهن خداوند کين ورندي ڏني تہ ”وڃو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي آءٌ اوهان کي هنن تي فتح ڏيندس.“


اي ڌڻي! پيڙهي بہ پيڙهي تون ئي اسان جي پناهہ‌گاهہ رهيو آهين.


خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي مان موسيٰ کي سڏي


پوءِ جڏهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن کيس عهد واريون ٻہ تختيون ڏنائين. پٿر جي انهن تختين تي خدا پنهنجي آڱر سان پنهنجا حڪم لکيا هئا.


مون دان جي قبيلي مان احيسمڪ جي پٽ اهلياب کي بہ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. سڀني ڪاريگر ماڻهن جي دلين ۾ هنر وڌو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ جن شين جو مون تو کي حڪم ڏنو آهي، سي سڀ ٺاهي تيار ڪن،


اوهين منهنجي لاءِ مٽيءَ جي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهجو. انهيءَ تي پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانين ڪرڻ واسطي پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڏاند ڳئون قربان ڪجو. هر انهيءَ جاءِ تي جيڪا آءٌ پنهنجي عبادت لاءِ مقرر ڪندس، اُتي آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان کي برڪت ڏيندس.


پوءِ جڏهن خداوند ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن اتان هليو ويو ۽ ابراهيم گھر موٽي آيو.


مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ انهيءَ پردي جي ٻاهران جيڪو عهد واري صندوق اڳيان هوندو، هارون ۽ سندس پٽَ سانجھيءَ کان صبح تائين شمعدان کي منهنجي حضور ۾ ٻريل رکن. اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ تائين جاري رهندو.“


دائود بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سميت بعلہ يعني يهوداہ جي قريت‌يعريم شهر ڏانهن خداوند خدا جي عهد واري صندوق انهيءَ ڪري کڻي اچڻ لاءِ ويو، ڇاڪاڻ تہ اها خداوند جي نالي سان سڏبي آهي ۽ انهيءَ تي پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ هو تخت‌نشين آهي.


هائو، اچ، اسان کي اچي بچاءِ، ۽ اسان افرائيم، بنيامين ۽ منسي قبيلي وارن کي پنهنجي قدرت ڏيکار.


اهو ساڳيو ماڻهو جنهن ماپ ڪئي سو منهنجي پاسي ۾ بيٺو هو، تڏهن مون هيڪل جي عمارت جي اندران خداوند جو آواز ٻڌو، جنهن مون کي فرمايو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ