ان کان علاوہ لوبان ساڙڻ لاءِ قربانگاهہ تي ۽ ان گاڏيءَ تي ڪيترو نج سون استعمال ڪيو وڃي جنهن تي پردار آسماني مخلوق جا مجسما ٺاهجن، جن جا پر خداوند جي عهد واري صندوق مٿان پکڙيل هوندا.
صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جهڙا ٻہ مجسما ٺهيل هئا، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني هئا ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هئا. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي.
سو انهن سيلا شهر ڏانهن ماڻهو موڪليا جيڪي اُتان اها عهد واري صندوق، جنهن تي پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي وچ ۾ قادرِمطلق خداوند تختنشين هو، سا کڻي آيا. عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس خدا جي عهد واري صندوق سان گڏ هئا.