تون اها قربانگاهہ ان پردي جي اڳيان رکائج، جيڪو عهد واري صندوق وٽ آهي، جيئن اها رحمت جي پوش جي سامهون رهي، جيڪو عهد واري صندوق جي مٿان آهي. اُتي آءٌ تو سان ملندو رهندس.
پوءِ جڏهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن کيس عهد واريون ٻہ تختيون ڏنائين. پٿر جي انهن تختين تي خدا پنهنجي آڱر سان پنهنجا حڪم لکيا هئا.
اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ خدا سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو.