لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربانگاهہ جي مٿان هو آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهيءَ کي ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪين، بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.
هو اهي سمورا ٿانوَ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ۾ ڪم ٿا اچن يعني منگالا، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ڪوڏرون ۽ ٿالهہ وغيرہ، انهيءَ ڪپڙي جي مٿان رکن. پوءِ انهيءَ تي ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش ڍڪين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.