15 پوءِ موسيٰ جبل تي چڙهي ويو ۽ ڪڪر جبل کي ڍڪي ڇڏيو.
15 پوءِ موسيٰ جبل تي ويو، ۽ ڪڪر جبل کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال سينا جبل تي رهيو.
تڏهن سليمان چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند! تو فرمايو آهي تہ ’آءٌ اونداهي ڪڪر ۾ رهندس،‘
جڏهن ٽئين ڏينهن جو صبح ٿيو تہ گجگوڙ ٿيڻ لڳي ۽ وڄ چمڪڻ لڳي. پوءِ هڪڙو گھاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو ۽ نفيل جو اهڙو تہ تمام وڏو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو خيميگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.
پوءِ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي لهي آيو ۽ موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيائين. سو موسيٰ مٿي چڙهي ويو.
اتي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گھاٽي ڪڪر ۾ ايندس، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو مون کي تو سان ڳالهيون ڪندي ٻڌن ۽ سدائين تو تي اعتبار ڪندا رهن.“ تڏهن موسيٰ ماڻهن جون ڳالهيون خداوند کي ٻڌايون.
خداوند جو جلال سينا جبل تي اچي لٿو ۽ ڪڪر انهيءَ کي ڇهن ڏينهن تائين ڍڪي رکيو. آخر ستين ڏينهن خداوند ڪڪر جي اندران موسيٰ کي سڏيو.
اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“