Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 24:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اڳواڻن کي چيو تہ ”جيستائين اسين موٽي اچون تيستائين اوهين هتي اسان جو انتظار ڪجو. هارون ۽ حور اوهان سان گڏ آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي بہ ڪو معاملو هجي تہ اهو هنن وٽ کڻي وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ هن بزرگن کي چيو تہ اوهين اسان جي لاءِ هتي ترسو، جيسين ڪ اسين موٽي اوهان وٽ اچون. ڏسو هارون ۽ حور اوهان سان آهن، جنهن کي ڪو ڪم پوي تہ اهو هنن وٽ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 24:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو. آءٌ ۽ هي ڇوڪر هُتي عبادت ڪرڻ ٿا وڃون ۽ پوءِ اوهان وٽ موٽي اينداسين.“


سو يشوع ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ حڪم ڏنو هئس. هن وڃي عماليقين سان ويڙهہ ڪئي. انهيءَ مهل موسيٰ، هارون ۽ حور ٽڪر جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا.


سو جڏهن موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا، تڏهن هارون ۽ حور هڪڙو پٿر کڻي آيا ۽ موسيٰ انهيءَ تي ويهي رهيو. پوءِ هو ٻئي سندس هٿ جھلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان. اهڙيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي رهيا.


تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جھيڙو ٿو ٿئي تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن. آءٌ انهن ٻنهي جو فيصلو ٿو ڪريان ۽ کين خدا جي قاعدن قانونن مان واقف ٿو ڪريان.“


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“


تون مون کان اڳ ۾ جِلجال شهر ڏانهن لهي وڃجاءِ، اتي آءٌ تو سان اچي ملندس، انهيءَ لاءِ تہ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪريان. تون ستن ڏينهن تائين اتي ترسجانءِ، جيستائين آءٌ تو وٽ اچان. اتي آءٌ تو کي ٻڌائيندس تہ تو کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ