Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 24:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اٿيا ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهڻ لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اُٿيا، ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 24:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

موسيٰ جو سهرو يٿرو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي موسيٰ وٽ انهيءَ بيابان ۾ آيو جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪيو لٿو پيو هو.


پوءِ موسيٰ خدا سان ملڻ لاءِ مٿي جبل تي چڙهي ويو. خداوند جبل تان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ ”تون يعقوب جي خاندان يعني بني اسرائيل کي هيئن چئُہ تہ


موسيٰ پنهنجي سهري يٿرو جا ڌڻ چاريندو هو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ ڏينهن هو ڌڻ کي هڪليندو بيابان جي پرئين پاسي خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


جڏهن يشوع ماڻهن جي رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”خيمي‌گاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي.“


خداوند موسيٰ سان روبرو ائين ڳالهائيندو هو جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو آهي. پوءِ موسيٰ موٽي خيمي‌گاهہ ۾ ايندو هو. پر سندس خدمتگار يشوع ولد نون، جيڪو هڪڙو نوجوان ماڻهو هو سو انهيءَ تنبوءَ جي اندر ئي رهندو هو.


انهيءَ وچ ۾ خداوند هارون کي فرمايو تہ ”بيابان ۾ وڃي موسيٰ سان مل.“ سو هو انهيءَ سان ملڻ لاءِ خدا جي جبل تي ويو ۽ ساڻس ملي کيس چميائين.


تنهن تي نون جو پٽ يشوع جيڪو جوانيءَ کان وٺي موسيٰ جو نوڪر هو، تنهن چيو تہ ”اي منهنجا آقا موسيٰ! انهن کي منع ڪريو.“


خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي وفات کان پوءِ موسيٰ جي خادم يشوع ولد نون سان خداوند ڳالهايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ