Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 23:31 - Muslim Sindhi Bible

31 آءٌ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي فلستين جي سمنڊ تائين ۽ بيابان کان وٺي فرات نديءَ تائين اوهان جي حد مقرر ڪندس. هن ڪري جو آءٌ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو اوهان جي حوالي ڪندس ۽ اوهين انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 آءٌ تنهنجي حد ڳاڙهي سمنڊ تائين، ۽ بيابان کان فرات نديءَ تائين قائم ڪندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ انهي ملڪ جا رهاڪو تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ تون انهن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 23:31
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


اهي انهن قومن جون عورتون هيون جن جي باري ۾ خداوند بني اسرائيل کي چيو هو تہ ”اوهين انهن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪجو، نہ تہ هو ضرور اوهان جون دليون پنهنجن معبودن ڏانهن ڦيرائينديون.“ تنهن هوندي بہ سليمان انهن جي عشق ۾ ڦاسي پيو.


انهيءَ وچ ۾ اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ هڪڙو نبي آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تون هي هيڏو سارو لشڪر ڏسين ٿو؟ اهو اڄ آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ پوءِ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي ملڪ، ويندي مصر جي سرحد تائين جيڪي بہ بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪمراني ڪندو هو. هو سليمان کي ٽيڪس ڏيندا هئا ۽ انهيءَ جي سڄي حياتيءَ تائين سندس راڄ ٿي رهيا.


فرات نديءَ جي اولهہ طرف تفسح شهر کان وٺي غزہ شهر تائين سليمان حڪمراني ڪندو هو. فرات نديءَ جي اولهہ طرف جيڪي بہ بادشاهہ هئا سي سليمان بادشاهہ جو راڄ هئا ۽ هو انهن سڀني سان صلح سان رهندو هو.


انهيءَ وقت اتي خداوند بني اسرائيل جي خدا آڏو سليمان ۽ ساڻس گڏ سڄي بني اسرائيل جي هڪ تمام وڏي ميڙ تنبن واري عيد بہ ملهائي. اتر طرف حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ طرف مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان آيل انهن ماڻهن اها عيد ست ڏينهن هڪڙا ۽ ست ڏينهن ٻيا، ڪُل چوڏهن ڏينهن ملهائي.


فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي ملڪ تائين ۽ ويندي مصر جي سرحد تائين هو سڀني بادشاهن تي حڪمراني ڪندو هو.


اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هن کان نہ ڊڄ. آءٌ تو کي هن تي، سندس سڀني ماڻهن تي ۽ سندس سڄي ملڪ تي فتح ڏيندس. تون هن سان بہ ائين ئي ڪجانءِ، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جنهن حشبون تي راڄ ٿي ڪيو.“


”بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ تہ ’جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيندا، جيڪو اوهان کي ورثي طور ورهائجي ملندو، تنهن جون سرحدون هي هونديون.


تنهنڪري هاڻي اوهين تنبو پٽيو ۽ روانا ٿيو. اوهين امورين جي جابلو علائقي ۾ ۽ انهيءَ جي آس‌پاس وارن سڀني علائقن ۾ وڃو، يعني انهيءَ جابلو علائقي ۾، اردن ماٿريءَ ۾، هيٺاهين زمين ۾، ڏاکڻي علائقي ۾ ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تائين. اوهين ڪنعانين جي ملڪ ۾ ۽ لبنان جي علائقي ۾ وڏي نديءَ فرات تائين پڻ وڃو.


ياد رکو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. انهيءَ بابت مون خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندس. سو اوهين وڃي انهيءَ ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.‘“


هر اها جاءِ جتي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي، سا اوهان جي ٿيندي. اوهان جي سرحد ڏکڻ طرف بيابان کان وٺي اتر طرف لبنان جي جبلن تائين ۽ اوڀر ۾ وڏي ندي فرات کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.


پر خداوند اسان جي خدا کيس اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اسان هن کي، سندس پٽن کي ۽ سندس سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيو.


برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي جِلعاد تائين اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جيڪو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو. خداوند اسان جي خدا، اهي سڀيئي شهر اسان جي حوالي ڪيا.


پر جن قومن جا شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏجو.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ’هن کان نہ ڊڄو. مون هن کي، سندس سڀني ماڻهن کي ۽ سندس سڄي ملڪ کي توهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. توهين هن سان بہ ائين ئي ڪجو جيئن توهان امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو.‘


ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جي سڀني دشمنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.


تنهنڪري اوهين اڄوڪي ڏينهن ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪندڙ باهہ وانگر اوهان جي اڳيان ٿو هلي. هو انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. هو کين اوهان جي آڏو اهڙو تہ ماري مات ڪندو جو اوهين هنن کي ڀڄائي ڪڍندا ۽ جلد ئي کين نابود ڪري ڇڏيندا، جيئن خداوند اوهان سان واعدو ڪيو آهي.


اوهان جون سرحدون ڏکڻ ۾ بيابان تائين، اتر ۾ لبناني جبلن جي قطار تائين، اوڀر ۾ حتين جي سڄي ملڪ سميت وڏي نديءَ فرات تائين ۽ اولهہ ۾ ڀُونوِچ سمنڊ تائين ٿينديون.


پر اوهين پاڻ نہ ترسجو، بلڪ پنهنجن دشمنن جي پٺيان پئجو ۽ مٿن پٺيان کان حملو ڪجو. هنن کي سندن شهرن ۾ گھڙڻ نہ ڏجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا هنن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“


خداوند يشوع کي چيو تہ ”انهن کان نہ ڊڄجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون هنن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگھندو.“


لبنان کان مسرفات‌المائم تائين جابلو علائقن جي سڀني رهاڪن کي صيدانين سميت، آءٌ بني اسرائيل جي اڳيان سندن علائقي مان ڀڄائي ڪڍندس. تون رڳو اهو ملڪ ورهائي بني اسرائيل کي ورثي طور ڏي، جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي.


هنن يشوع کي وڌيڪ چيو تہ ”پڪ سان خداوند اهو سڄو ملڪ اسان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اتان جا سڀ رهاڪو اسان جي خوف کان هيسجي ويا آهن.“


خداوند هنن کي هر طرف کان آرام ڏنو، جيئن هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. سندن سڀني دشمنن مان ڪو هڪڙو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگھيو، ڇو تہ خداوند کين سندن سڀني دشمنن تي فتح ڏني.


هاڻ آءٌ اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان جتي دنيا جي هر ماڻهوءَ کي وڃڻو آهي. اوهين سڀيئي پنهنجين دلين ۾ ڄاڻو ٿا تہ خداوند خدا اهي سڀ چڱيون ڳالهيون پوريون ڪيون آهن، جن جو هن اوهان سان واعدو ڪيو هو. هر هڪ واعدو پورو ٿيو آهي، ڪوبہ نہ گُٿو آهي.


پوءِ اوهين اردن درياءُ پار ڪري يريحو شهر ۾ آيا. انهيءَ شهر جي ماڻهن کان علاوہ اموري، فرزي، ڪنعاني، حتي، جِرجاشي، حوي ۽ يبوسي قوم وارن پڻ اوهان سان جنگ ڪئي. پر مون اوهان کي انهن سڀني تي فتح ڏني.


مون اوهان جي اڳيان اڳيان ٻن اموري بادشاهن ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو ۽ اهي اوهان جي اڳيان وٺي ڀڳا. انهن کي اوهان جي تلوار يا تيرڪمان ڪونہ ڀڄايو هو.


خداوند اسان جي اڳيان سڀني قومن کي امورين سميت، جيڪي هتي هن زمين تي رهندا هئا ڀڄائي ڪڍيو. سو اسين پڻ انهيءَ ئي خداوند جي عبادت ڪنداسين، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اسان جو خدا آهي.“


پوءِ مون اوهان کي امورين جي ملڪ ۾ آندو جنهن جا ماڻهو اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر اوڀر پاسي رهندا هئا. اهي اوهان سان وڙهيا پر مون اوهان کي انهن تي سوڀ ڏني. مون انهن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪري ڇڏيو ۽ اوهان انهن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي.


پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”جيڪو نيزو تنهنجي هٿ ۾ آهي سو عئيءَ شهر ڏانهن ڊگھيڙ، اهو شهر آءٌ تنهنجي حوالي ڪرڻ وارو آهيان.“ سو يشوع اهو نيزو عئيءَ شهر ڏانهن ڊگھيڙيو.


تڏهن اوهين پنهنجي لڪي ويهڻ واريءَ جاءِ مان نڪري شهر تي وڃي قبضو ڪجو. خداوند خدا اهو اوهان جي حوالي ڪندو.


پر بني اسرائيل جي ماڻهن انهن حوين کي چيو تہ ”ٿي سگھي ٿو تہ اوهين اسان جي ويجھڙائيءَ ۾ رهندا هجو، تہ پوءِ اسين ڪيئن اوهان سان عهد ڪريون؟“


تڏهن انهن ڪاهہ ڪئي ۽ خداوند کين ڪنعانين ۽ فرزين تي فتح ڏني. هنن انهن جي ڏهہ هزار ماڻهن کي بزق ۾ شڪست ڏني.


تڏهن خداوند، بني اسرائيل جي خدا سيحون ۽ سندس سڄي لشڪر کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏنو ۽ کين انهن تي فتح حاصل ٿي. سو اموري، جيڪي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا، تن جي سڄي ملڪ تي بني اسرائيل قبضو ڪري ورتو.


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، تنهن تي خداوند وراڻي ڏنس تہ ”اُٿ، قعيلہ شهر ڏانهن لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي فلستين مٿان فتح ڏيندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ