Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 23:25 - Muslim Sindhi Bible

25 مون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ آءٌ اوهان جي کاڌي پيتي ۾ برڪت وجھندس. آءٌ اوهان جي وچان بيماريون ڪڍي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 تون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪج، ۽ اهو تنهنجيءَ مانيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ برڪت وجهندو؛ ۽ آءٌ تو منجهان بيماري ڪڍي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 23:25
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجا سمورا گناهہ معاف ٿو ڪري. هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجي سمورن مرضن کان مون کي شفا ٿو ڏئي.


خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


ائين ڪرڻ سان خدا کيس ايترو تہ خوش رکندو، جو هن کي هن فاني زندگيءَ جي اصل مقصد بابت گھڻي ڳڻتي نہ رهندي.


پوءِ اوهين اتي امن وَ سلامتيءَ سان رهندا. هائو، اوهين خدا جي حضور ۾ اهڙا تہ محفوظ هوندا، جيئن ڄڻ ڪنهن مضبوط جابلو قلعي ۾ هجو. اتي اوهان کي جھجھو کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي عطا ڪيو ويندو.


اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪوبہ ماڻهو وري بيمار ٿيڻ جي شڪايت نہ ڪندو. انهن جا سمورا گناهہ معاف ڪيا ويندا.


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


انهن ڏهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هنن جون شڪليون وڌيڪ رونقدار ۽ سندن بدن وڌيڪ صحتمند ڏسڻ ۾ آيا، بنسبت انهن نوجوانن جي جن شاهي طعام پئي کاڌا.


سو اوهين پاڻ کي انهن سان پليت نہ ڪجو بلڪ پاڻ کي پاڪ ڪري منهنجي لاءِ مخصوص ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڻ پاڪ آهيان.


جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن تي هلندا ۽ منهنجا حڪم مڃي انهن تي عمل ڪندا،


اوهين ڪمائيءَ جو پورو ڏهون حصو هيڪل جي گودام ۾ آڻيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي گھر ۾ کاڌو پيتو هجي. ائين ڪرڻ سان اوهين ڏسندا تہ آءٌ ڪيئن نہ آسمان جون دريون کولي اوهان تي برڪت وسايان ٿو يا نہ، اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


”هاڻي اي بني اسرائيل! خداوند اوهان جو خدا اوهان کان ڇا ٿو گھري؟ رڳو ايترو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، سندس سڀني واٽن تي هلو، ساڻس محبت رکو ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، رڳو سندس ئي عبادت ڪريو، ساڻس ئي چُهٽيل رهو ۽ سندس ئي نالي جو قسم کڻو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف رکندي سندس راهہ تي هلجو. هائو، سندس حڪمن تي عمل ڪجو، سندس ڳالهہ ٻڌجو، سندس ئي عبادت ڪجو ۽ ساڻس ئي چُهٽيل رهجو.


بلڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، انهيءَ جي ئي عبادت ڪجو ۽ انهيءَ جي ئي نالي جو قسم کڻجو.


هو اوهان کي پيار ڪندو، برڪت ڏيندو ۽ اوهان کي وڌائيندو. جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجھہ اوهان جي اولاد ۾ ۽ زمين جي پيداوار يعني اناج ۾، مئي ۾، زيتون جي تيل ۾ ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن ۾ برڪت وجھندو.


خداوند هر قسم جي بيماري اوهان کان دور ڪندو. مصر جا اُهي سڀ خوفناڪ مرض جن جي اوهان کي خبر آهي، تن مان ڪوبہ مرض هو اوهان تي ڪين موڪليندو، بلڪ انهن کي اوهان جي دشمنن تي موڪليندو.


پر خبرداريءَ سان شريعت جي انهن حڪمن تي عمل ڪجو جن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو، يعني تہ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، هن جي سڀني راهن تي هلجو، سندس حڪمن جي تعميل ڪجو، ساڻس چهٽيل رهجو ۽ دل وَ جان سان سندس عبادت ڪجو.“


پر ماڻهن يشوع کي چيو تہ ”هرگز نہ، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.“


ماڻهن يشوع کي چيو تہ ”اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪنداسين ۽ سندس فرمانبرداري ڪنداسين.“


تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ. هيءَ سموري بڇڙائي تہ اوهان برابر ڪئي آهي، پر تنهن هوندي بہ خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان نہ ڦرو، بلڪ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند جي عبادت ڪريو.


اوهين رڳو ايترو ڪريو جو خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ دل وَ جان سان ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪريو. ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪيڏا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن!


تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ