Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 23:24 - Muslim Sindhi Bible

24 اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪريو، بلڪ اوهين انهن کي اصل ڊاهي ڇڏيو ۽ انهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 23:24
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي غير معبودن وارين قربان‌گاهن تي هو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا، جيئن غير قومون ڪنديون هيون جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو. هنن بتن جي پوڄا ڪئي توڙي جو خداوند کين ائين ڪرڻ کان روڪيو هو. هنن خداوند کي ڪاوڙائڻ وارا ٻيا برا ڪم بہ ڪيا.


۽ جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهن جي جوڙيل ريتن رسمن تي هليا.


هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، پر اهڙي نہ جهڙي سندس پيءُ ۽ ماءُ ايزبل ڪئي هئي، ڇاڪاڻ تہ بعل ديوتا کي پوڄڻ لاءِ پڻس جيڪو ٿنڀو جوڙايو هو سو هن ڊهرائي ڇڏيو هو.


آسا اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ چڱا ۽ صحيح هئا.


هيڏانهن جڏهن امصياہ ادومين کي قتل ڪري واپس موٽيو، تڏهن پاڻ سان گڏ ادومين جي ديوتائن وارا بت کڻي آيو ۽ انهن کي پنهنجا معبود بڻائي رکي ڇڏيائين. هن انهن کي سجدو ڪيو ۽ انهن لاءِ قربانيون ڪيائين.


جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


تنهن هوندي بہ منسيءَ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي ايترو تہ گمراهہ ڪيو جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪيا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪري ڇڏيو هو.


آءٌ ڪنهن بہ بڇڙائيءَ کي برداشت نہ ڪندس. بلڪ جيڪي ڏنگيءَ راهہ تي هلن ٿا، تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي. انهن ماڻهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي.


مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو. غير معبودن جي پوڄا نہ ڪريو بلڪ انهن جي نالي جو ذڪر بہ نہ ڪريو.“


اوهين انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهد نہ ڪريو.


انهن ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ نہ ڏيو. متان هو اوهان کان منهنجي خلاف گناهہ ڪرائين، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا ڪندا تہ اهو اوهان جي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.“


پوءِ جيڪو گابو هنن ٺاهيو هو سو ساڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ وجھي، اهو پاڻي بني اسرائيل کي پيئاريائين.


تون نہ رڳو انهن جي راهہ تي هلي آهين ۽ نہ فقط انهن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، بلڪ تو تہ پنهنجي سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪري کانئن گوءِ کڻي ويئي آهين.


جيئن تہ هو دغاباز ۽ بي‌وفا ٿي ويا آهن، تنهنڪري هو انهيءَ جي سزا ڀوڳيندا، خدا سندن اهي قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏيندو، ۽ سندن بتن جا ٿنڀا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو.


اوهين مصر جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم نہ ڪجو، جتي اوهين رهندا هئا، نڪي وري ڪنعان جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم ڪجو، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان. اوهين انهن جي رسمن تي نہ هلجو.


خداوند فرمايو تہ ”اوهين پنهنجي ملڪ ۾ پوڄا لاءِ نہ بت ٺاهجو، نہ ڪو مجسمو، نڪي پٿر جا ٿنڀا ۽ نہ تراشيل پٿر کڙا ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اهي عورتون کين پنهنجن معبودن جي اڳيان قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏينديون هيون. هو اتي وڃي کاڌو کائيندا هئا ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.


تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍجو. انهن جون تراشيل توڙي پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو ۽ انهن جا ٽڪرن تي ٺهيل پوڄا گھر ڊاهي ڇڏجو.


اوهين هنن جون قربان‌گاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو ۽ هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن معبودن جون تراشي ٺاهيل مورتيون ساڙي ڇڏجو، بلڪ اوهين انهيءَ هنڌان انهن جو نالو ئي مِٽائي ڇڏجو.


اٽلندو اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو جو سندن قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏجو، هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن تراشيل مورتيون ساڙي ڇڏجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ