Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 23:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جڏهن منهنجو فرشتو اوهان جي اڳيان هلندو رهندو ۽ اوهان کي امورين، حتين، فرزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ اندر وٺي ويندو تڏهن آءٌ انهن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ڇالاءِ جو منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو ۽ توکي امورين، حتين، فريزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين ۾ وٺي ويندو، ۽ آءٌ انهن کي تباهہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 23:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند عرش عظيم جي خدا مون کي منهنجي پيءُ جي گھر ۽ اباڻي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. انهيءَ قسم کڻي مون سان عهد ٻڌو آهي تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس.‘ اهو ئي پنهنجي ملائڪ کي موڪليندو تہ جيئن تون اتان منهنجي پٽ جي لاءِ ڪنوار وٺي اچي سگھين.


جڏهن انهيءَ علائقي جي حاڪم حمور حِويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو تہ کيس پڪڙي وڃي آبرو لُٽيائينس.


موسيٰ سمورو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند بني اسرائيل خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. هن کيس اهو بہ ٻڌايو تہ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون ۽ ڪيئن خداوند کين بچايو.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ هڪڙو فرشتو اوهان جي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ اوهان جي نگهباني ڪري. هو اوهان کي انهيءَ جاءِ ۾ پهچائيندو جيڪا مون تيار ڪئي آهي.


مون فيصلو ڪيو آهي تہ اوهان کي مصر وارن جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.‘


تڏهن هارون کين چيو تہ ”پنهنجي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي مون وٽ کڻي اچو.“


تنهنڪري اڻ‌ڄاڻ بڻجڻ سبب اوهين جلاوطن ڪيا ويندا. اوهان جا امير بک ۾ پاهہ ٿيندا، ۽ عام ماڻهو اڃ ۾ پيا تڙپندا.


تنهنڪري اوهين اڄوڪي ڏينهن ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪندڙ باهہ وانگر اوهان جي اڳيان ٿو هلي. هو انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. هو کين اوهان جي آڏو اهڙو تہ ماري مات ڪندو جو اوهين هنن کي ڀڄائي ڪڍندا ۽ جلد ئي کين نابود ڪري ڇڏيندا، جيئن خداوند اوهان سان واعدو ڪيو آهي.


خداوند اوهان جي اڳيان وڏيون ۽ طاقتور قومون ڀڄائي ڪڍيون آهن ۽ اوهان جي اڳيان اڄ ڏينهن تائين ڪوبہ ماڻهو بيهي نہ سگھيو آهي.


يشوع جڏهن يريحو شهر جي ويجھو اچي پهتو تہ اوچتو ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار ڪڍيو بيٺو آهي. يشوع وٽس ويو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون اسان جي طرف آهين يا اسان جي دشمنن جي طرف؟“


هوڏانهن اهي بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٽڪرين ۾، هيٺاهن ڍورن ۾ ۽ وڏي سمنڊ جي ڪناري سان لبنان ملڪ تائين حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جا بادشاهہ هئا، تن جڏهن بني اسرائيل جي ڪاميابين جون اهي ڳالهيون ٻڌيون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ