خروج 23:2 - Muslim Sindhi Bible2 اوهين بڇڙائي ڪرڻ ۾ ماڻهن جي انبوهہ جي پيروي نہ ڪريو، نڪي ڪنهن معاملي ۾ ناحق ڪرڻ لاءِ گھڻن ماڻهن جو طرف وٺي پنهنجي شاهدي ڦيرايو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 گهڻن جي پيروي ڪري تون ڪابہ بڇڙائي نہ ڪج؛ نڪي ڪنهن معاملي ۾ گهڻن جو طرف وٺي ناحق ڪرڻ لاءِ ڪوڙي شاهدي ڀرج؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بيانصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.
هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“