17 سال ۾ ٽي دفعا اوهان جا سڀ مرد مون خداوند پنهنجي مالڪ جي آڏو اچي حاضر ٿين.
17 سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.
قبيلا، يعني خداوند جا قبيلا اوڏانهن ئي وڃن ٿا. هائو، بني اسرائيل جا سڀيئي قبيلا خدا جي حڪم موجب اتي وڃي خداوند جي نالي جو شڪر ادا ڪن ٿا.
آءٌ ڪڏهن تنهنجي حضور ۾ ايندس؟ ڪڏهن اچي اُتي حاضر ٿيندس؟ اي خدا! اي جيئرا خدا! آءٌ تنهنجي ديدار جو اڃايل آهيان.
رات ڏينهن منهنجا لڙڪ ئي منهنجي خوراڪ آهن. جڏهن تہ مون کان هر وقت پڇيو ٿو وڃي تہ ”ڪٿي آهي تو وارو خدا؟“
هلندي هلندي سندن طاقت جيئن پوءِ تيئن وڌندي وڃي ٿي. بيشڪ اهي صيئون ۾ پهچي تو معبودن جي معبود جو ديدار ڪندا.
”اوهين سال ۾ ٽي دفعا منهنجي لاءِ عيد ملهايو.
سال ۾ انهن ٽنهي موقعن تي اوهان جا سڀ مرد، مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.
اوهان کي ڪير ٿو چوي تہ اوهين منهنجي عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ اچي اهڙي قسم جا ڪم ڪريو؟ ائين ڪري منهنجي مقدس هيڪل جي بيحرمتي نہ ڪريو.
جڏهن عيسيٰ ٻارهن سالن جو ٿيو تہ اهي دستور موجب عيد فصح تي اوڏانهن ويا ۽ عيسيٰ ساڻن گڏ هو.
بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.
سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.
جڏهن سڀ بني اسرائيل خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ تي اچي حاضر ٿين، تڏهن اوهين هيءَ شريعت انهن سڀني کي پڙهي ٻڌائجو.