Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 23:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 فطيري ماني جي عيد ياد رکج: جيئن مون توکي اڳيئي حڪم ڪيو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج (ڇالاءِ جو انهي مهيني ۾ تون مصر مان نڪتين)؛ ۽ ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 23:15
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بي‌خميري مانيءَ جي عيد جو پهريون ڏينهن آيو جنهن تي عيد فصح جي قرباني ڏيڻ ضروري هئي.


اوهين گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوض ۾ هڪڙو گھيٽو يا ڇيلو ڏجو. جيڪڏهن اوهان انهيءَ جو عيوض ڏيڻ نہ چاهيو تہ پوءِ انهيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏجو. پر اوهين پنهنجن سڀني پهريتن پٽن جو عيوض ضرور ڏجو. ڪوبہ مون وٽ خالي هٿين نہ اچي.


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


بي‌خميري مانيءَ جي عيد جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوهين عيد فصح جي ماني ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“


بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪا زمين آءٌ خداوند اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين هر سال پنهنجي فصل جو پهريون اناج جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو.


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ڪندا رهجو. جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ابيب مهيني ۾ مقرر ڪيل وقت تي ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.


اوهين ابيب مهيني جي اڄوڪي ڏينهن مصر مان ٻاهر نڪتا آهيو.


عيسيٰ جا ماءُ پيءُ هر سال عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانهن ويندا هئا.


جڏهن هن ڏٺو تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي آهي، تڏهن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اهي بي‌خميري مانيءَ جي عيد جا ڏينهن هئا.


”هي مهينو اوهان جي لاءِ سال جو پهريون مهينو ٿيندو.


اوهين پنهنجي فصل ۽ ميون جي رس مان مون کي نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪجو. اوهين پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏجو.


هنن چين تہ ”جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق موڪليو ٿا تہ اها خالي نہ موڪلجو، بلڪ ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني سميت موٽائي موڪلجو. تڏهن ئي اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا ۽ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ هن جو ڳرو هٿ اوهان تان ڇو نہ پئي کڄيو.“


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


پوءِ بني اسرائيل سوال ڪيو تہ ”جڏهن اسين خدا تعاليٰ جي آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ اچون تہ ڪهڙا نذرانا کڻي آڻي سندس حضور ۾ پيش ڪريون؟ ڇا اسين کيس خوش ڪرڻ لاءِ ڀلا ڀلا وهڙا ساڙڻ واري قربانيءَ طور سندس حضور ۾ آڻيون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ