Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 23:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو. غير معبودن جي پوڄا نہ ڪريو بلڪ انهن جي نالي جو ذڪر بہ نہ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جيڪي ڳالهيون مون توکي چيو آهن، تن جي سنڀال رکج: ٻين معبودن جو نالو ئي نہ وٺج، نڪي تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ۾ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 23:13
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي غير معبودن ڏانهن ڊوڙن ٿا تن جا ڏک وڌندا ويندا. آءٌ انهن معبودن جي لاءِ رت وهائڻ جون قربانيون ڪين ڪندس، نہ ئي آءٌ پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن انهن جا نالا وٺندس.


مون اهو فيصلو ڪيو هو تہ آءٌ پنهنجين واٽن تي هوشياريءَ سان هلندس، تان‌تہ آءٌ پنهنجيءَ زبان سان ڪو گناهہ ڪري نہ وجھان. پوءِ منهنجي اڳيان جيستائين بڇڙا ماڻهو هوندا، تيستائين آءٌ پنهنجي وات کي لغام ڏيئي ڇڏيندس.


اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪريو، بلڪ اوهين انهن کي اصل ڊاهي ڇڏيو ۽ انهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.


اوهين انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهد نہ ڪريو.


(اوهين انهن کي ٻڌايو تہ اهي معبود، جن زمين ۽ آسمان پيدا نہ ڪيو آهي سي روءِ‌زمين تان ناس ٿي ويندا).


جيئن تہ آءٌ سندس ذهن مان بعل ديوتائن جا نالا ڪڍي ڇڏيندس، تنهنڪري هوءَ وري ڪڏهن بہ انهن جو نالو ڪين وٺندي.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بتن جو نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس ۽ اڳتي انهن کي ڪوبہ ياد نہ ڪندو. آءٌ نبي سڏائيندڙن کي بہ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ ماڻهن جي دلين مان ناپاڪ خواهشن کي ختم ڪري ڇڏيندس.


نبو ۽ بعل‌معون ۽ سبماہ. جيڪي شهر وري ٺاهيائون تن جا هنن نوان نالا رکيا.


ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان ڳُجھہ‌ڳوهہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.


تنهنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا زندگي گذاريو. نادانن وانگر نہ گذاريو، پر دانائن وانگر


اوهين هنن جون قربان‌گاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو ۽ هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن معبودن جون تراشي ٺاهيل مورتيون ساڙي ڇڏجو، بلڪ اوهين انهيءَ هنڌان انهن جو نالو ئي مِٽائي ڇڏجو.


”جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو هو، تنهن ڏينهن اوهان ڪنهن بہ قسم جي شڪل ڪانہ ڏٺي هئي. تنهنڪري اوهين چڱيءَ طرح خبردار ٿجو،


تنهنڪري اوهين خبردار ٿجو، متان اهو عهد جيڪو خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ٻڌو آهي، سو وساري ڇڏيو ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني واري شڪل ٺاهيو، جنهن جي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي منع ڪئي آهي.


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهي حڪم ۽ قاعدا قانون هي آهن، جن تي اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪرڻو آهي جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو. اوهان کي انهن جي سيکارڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي حڪم ڏنو آهي،


پاڻ کي ۽ پنهنجي تعليم کي جاچيندو رهہ. انهن هدايتن تي ثابت قدم رهہ، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون پنهنجي ۽ پنهنجي ٻڌڻ وارن جي ڇوٽڪاري جو سبب بڻبين.


خيال رکو تہ متان اوهان مان ڪو ماڻهو خدا جي فضل کان محروم رهجي وڃي، يا ڪا ڪؤڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي ۽ انهيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو پليت ٿي پون.


پر خبرداريءَ سان شريعت جي انهن حڪمن تي عمل ڪجو جن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو، يعني تہ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، هن جي سڀني راهن تي هلجو، سندس حڪمن جي تعميل ڪجو، ساڻس چهٽيل رهجو ۽ دل وَ جان سان سندس عبادت ڪجو.“


سو اوهين خداوند پنهنجي خدا سان ئي محبت رکڻ ۾ خبردار رهو.


جيڪي قومون اوهان منجھہ باقي وڃي بچيون آهن، تن سان رِلي‌مِلي نہ وڃجو، نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو ۽ نہ وري سندن قسم کڻجو. اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ